نئون ديرو: اغوا ڄاڻايل ناري مذهب مٽائي شادي ڪري ڇڏي: زوري نڪاح جو الزام: ڌرڻو

0
29
نئون ديرو: اغوا ڄاڻايل ناري مذهب مٽائي شادي ڪري ڇڏي: زوري نڪاح جو الزام: ڌرڻو
نئون ديرو: اغوا ڄاڻايل ناري مذهب مٽائي شادي ڪري ڇڏي: زوري نڪاح جو الزام: ڌرڻو

نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو جي جوڳي پاڙي مان گهران نڪري مذهب مٽائي پاڙيسري نوجوان عثمان ڪوريجو سان شادي ڪندڙ جمنا (دعا) جي وارثن عورتن، مردن پنهنجن معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري سکر – لاڙڪاڻو روڊ تي باب ذوالفقار وٽ ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙ سيون داس، لڇمڻ داس، سرواڻ، خدن باگڙي، ڀڳوانداس، ميرچند، مائي ڀوران، مائي ڀاڳي، شهزادي، رام پياري، جمنا عرف دعا جي والد سيون داس جو چوڻ هو ته جمنا عرف دعا کي جوابدارن زبردستي اغوا ڪري مذهب تبديل ڪرايو آهي، ڏاڍ ڪري نياڻي جو نڪاح ڪرايو ويو آهي،  هن چيو ته ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدار خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي طرف ناري دعا ۽ محمد عثمان سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ پسند شادي ڪري تحفظ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ناري پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو ۽ نه ئي ورغلايو آهي، مان پنهنجي رضا خوشيءَ سان گهران نڪري عثمان سان شادي ڪئي آهي.