جيڪب آباد/نئون ديرو(نمائندن وٽان) نئون ديرو،گدڙن فقيرن سان گداگري ڪندڙ نوجوان جي تدفين: جوابدار گرفتار، قتل جو اعتراف، جيڪب آباد ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيل نئون ديرو جي غريب آباد پاڙي جي رهواسي کدڙي فقير فدا حسين عرف فدي شيخ جو لاش جيڪب آباد کان نئون ديرو گهر پهچايو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته تڏو سندس رهائشگاهه ڀرسان وڇايو ويو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته مقتول کدڙي فقير کي جوان پٽ ۽ نياڻيءَ جو اولاد به آهي. تڏي تي موجود فدا حسين عرف فدي شيخ جي پٽ بلاول شيخ صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو والد گذريل 12 ورهين کان مزدوري لاءِ جيڪب آباد ۾ رهندو هو ۽ سندس اتي کدڙي فقير واري ڪرت بابت اسان کي ڪا به ڄاڻ نه هئي. گذريل رات مونکي فون آيو ته تنهنجي والد جو جيڪب آباد ۾ قتل ٿي ويو آهي جنهن بعد آئون پنهنجي ٻين مائٽن سان گڏجي جيڪب آباد پهتس جتي والد جو لاش وصول ڪرڻ بعد نئون ديرو کڻائي آياسين. تدفين کان اڳ جڏهن والد کي غسل ڏنو پئي ويو ته سندس جسم تي تيز ڌار وارين ڇرين ۽ چاقن جا وار ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي رهي هئي. والد جي جسم جو اهو حصو خالي نه هيو جتي چاقو يا ڇريءَ سان کيس ڪٽيو نه ويو هجي. والد 12 سالن کان جيڪب آباد ۾ مسواڙي جڳهه ۾ رهندو هو. سندس قتل جي جاچ ۾ ساڻس گڏ رهندڙ ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي ۽ اصل قاتلن کي ظاهر ڪري وائکو ڪيو وڃي. تڏي تي موجود مقتول فدا حسين عرف فدي شيخ جي وارثن پٽ بلاول شيخ، ناٺي صدام، ڀائٽي رشيد ۽ ٻين پوليس جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته قتل ۾ ملوث اصل ماڻهن کي وائکو ڪري کين گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.ٻي طرف  جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڏينهن اڳ ڇريون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪيل کدڙي فقير فدا حسين عرف فدي شيخ جي قتل ڪيس ۾ پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ڪيل جوابدار حامد سومرو ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي جوابدار پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته مقتول کدڙي فقير سان دوستي هئي جنهن مون سان بدفعلي ڪئي ۽ منهنجي دوستن کي ان بابت آگاهي ڏئي منهنجي بيعزتي ڪئي جنهن معاملي تي ڪاوڙجي ڇري بازار مان وٺي بيدرديءَ سان قتل ڪيو آهي.