سنڌڙي/نئون دمبالو(نمائندن وٽان) نئون دمبالو جي ڳوٺ فتح پور واسي 2 ڄڻا سنڌڙي ويجھو روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا آھن، سندن گھرن ۾ ڪھرام متل  آھي، نئون دمبالو ويجھو ڳوٺ فتح پور واسي 50 سالا احمد ڀرڳڙي ولد غلام رسول ڀرڳڙي ۽ 40 سالا خليل ڀرڳڙي سانگهڙ ۾ فوتگي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته سندن سوزڪي پڪ اپ جو اسٽيرنگ جام ٿيڻ سبب سانگھڙ روڊ تي ڳوٺ فقير عبدالڪريم شر وٽ اونڌي ٿي پئي، سنڌڙي ويجھو ٿيل روڊ حادثي ۾ ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ميرپورخاص اسپتال پھچايو ويو، جتي احمد ڀرڳڙي زخمن  جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو، جڏھن ته 40 سالا خليل ڀرڳڙي کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جتي اھو به فوت ٿي ويو آھي، ٻنهي جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام متل آھي، علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي.