ٽيڪساس(م ڊ) آمريڪي ڪانگريس ۾ هڪ نئون بل پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت انهن وفاقي ججز خلاف مواخذي جي ڪارروائي شروع ڪئي ويندي جن صدر ٽرمپ جي ڪيترن ئي قدمن کي معطل ڪيو هو. ڪجهه ريپبلڪن ميمبرن ان قدم جي حمايت ڪري رهيا آهن جنهن سان عدليه ۽ ايگزيڪٽو وچ ۾ وڌيڪ تڪرار وڌڻ جو امڪان آهي، وائيٽ هائوس ۽ ٽرمپ جي حامي ان کي حڪومتي اختيارن جي بحالي طور تي ڏسي رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ان کي عدليه جي آزادي تي حملو قرار ڏئي رهيا آهن، صدر ٽرمپ تازو ئي هڪ پريس ڪانفرنس دوران وفاقي ججز جي فيصلن تي شديد خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته انهن ججز کي به ڏسڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو اهي هڪ سنگين ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن