نئون آباد(ن پ ا) نئون آباد ڀرسان ڪنڊياري مين روڊ تي تيز رفتار ڊاٽسن ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ڳوٺ مڱراڙي واسي 28 سالا خان چانڊيو 5 سالا بختاور چانڊيو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 27 سالا پروين ۽ 30 سالاسڪينه چانڊيو سخت زخمي ٿي پيون، زخمين ۽ فوتين جا لاش ڄام نواز علي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمين کي حيدراباد  اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.