مھانگائيءَ خلاف احتجاج ۽ سياسي جماعتن جي ماٺار

0
72
مھانگائيءَ خلاف احتجاج ۽ سياسي جماعتن جي ماٺار

 ملڪ اندر گذريل ڪجھ ورھين کان لاڳيتو خراب ٿيندڙ معاشي حالتون ڊگهي عرصي کانپوءِ نيٺ عوام کي ڪنھن حد تائين متحد ڪري رستن تي ڪڍي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيون آھن. پيٽرول جي قيمت ۾ غيرمعمولي واڌ ۽ بجلي جي ڳرن بِلن جي سخت عتاب ھيٺ مري مري جيئندڙ عوام پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار ڪرڻ لاءِ احتجاج شروع ڪيا آھن. بُک ۽ معاشي بدحالي انقلاب کي جنم ڏيندڙ بنيادي عنصر ٿين ٿا پر بدقسمتيءَ سان ملڪي تاريخ جي 76 ورھين جي تجربي اھا ڳالھ ثابت ڪئي آھي ته ھن ملڪ جي “اصل اقتدار ڌڻين” عوام اندر اھڙو ته خوف ويھاري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري خراب کان خراب ترين حالتن ۾ به عوام احتجاج ڪرڻ جي جرئت کان قاصر رھيو آھي، جنھن جا ڪيترائي محرڪ آھن. ھڪ ته ھن ملڪ اندر حڪمران ۽ سندن مداري مختلف مافيائن جي پٺڀرائي کي پنھنجي حلال روزيءَ جو حصو سمجهندا آيا آھن، جنھن ڪارڻ انھن پاران مافيائن خلاف ڪو خاطر خواہه ڪريڪ ڊائون اڄ تائين ھڪ خواب ئي رھيو آھي ۽ اھڙي صورتحال کان ھميشہ عوام ئي متاثر ٿيندو رھيو آھي. ٻيو ته ملڪ اندر سزا ۽ جزا جو دارومدار رڳو ھڪ مخصوص اداري جي تقدس سان ئي سلھاڙيل رھيو آھي، جنھن ڪارڻ عوامي مسئلا جھڙوڪ حڪومتن جي ترجيحن ۾ شامل ئي نه رھيا آھن ۽ اھو ئي ڪارڻ آھي جنھن جي بنياد تي حڪومتن کي به ھاڻ پنھنجون وفاداريون مڃرائڻ خاطر 9 مئي نالي ايجاد ڪيل ھڪ “مقدس پستڪ” مٿان ايمان آڻڻ جا اقرار ڪرڻا پون ٿا، جڏھن ته جڙانوالا ۾ نفرتن جو کاڄ بڻيل گرجا گھر وارو واقعو جيتوڻيڪ 9 مئي کان وڌيڪ سنگين نوعيت جو ھو پر ان ھوندي به ان مٿان اختيارين جي گهربل توجھ ڏسڻ ۾ نه آئي. 76 ورھين ۾ جڙيل منظرنامي ۾ اھا ڳالھ واضح ٿي آھي ته عوام سان واڳيل بنيادي مسئلن ۾ نه ئي حڪومتون ڪڏھن سنجيده رھيون آھن ۽ نه ئي انھن جي حل لاءِ احتجاج جو حق عوام کي ڏنو ويو آھي, جنھن ڪري ھن ملڪ جو ويچارو عوام ان ھاٿي جيان زندگي گهارڻ تي مجبور آھي، جيڪو وڏو سگهارو بڻجي به پنھنجي پيرن ۾ ٻڌل زنجير کي پنھنجو پاڻ کان وڌيڪ سگهارو سمجهندو آھي ۽ پنھنجي ذھني غلاميءَ کي قبولي زندگي گذاريندو آھي. حالانڪه جيڪڏھن اھو چاھي ۽ ھمٿ ڪري ته جيڪر ٿورڙي ئي محنت سان اھا زنجير ٽُٽي سگهي ٿي پر اسان جو الميو اھو آھي ته، نه ئي ھاٿي ايئن ڪندو آھي ۽ نه ئي ويچاري عوام ۾ اھا سگھ پيدا ٿي سگهي آھي.

موجوده وقت ۾ جڏھن ملڪ جي معاشي حالت نھايت ئي رحم جوڳي بڻجي وئي آھي. پيٽرول جي قيمت ملڪي تاريخ ۾ پنھنجي عروج جا ڏھاڙا پئي ڏسي، رپئي جي اھميت لاڳيتو گهٽتائي جو شڪار ٿيندي پئي وڃي ۽ بجلي اگهن ۾ ھڪ اھڙي واڌ سامھون آئي آھي، جيڪا عوام جي برداشت کان ٻاھر آھي. نتيجي ۾ ٻن ويلن جي ماني لاءِ سڪندڙ عوام جي اڪثريتي حصي پاران پاڻ سان ٿيندڙ ان وارتا خلاف رستن تي اچي احتجاج ڪرڻ جو دڳ ورتو ويو آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته شاھ کان وڌ شاھ جو وفادار بڻيل نگران وزيرِاعظم عوامي احتجاج کي مڪمل طرح نظرانداز ڪري ھڪ سنگين غلطي ڪري رھيو آھي پر حقيقت اھا آھي ته ملڪ ۾ پيدا ٿيل ان احتجاجي لھر جو سگهارو پاسو اھو آھي ته ان عوامي مسئلي تي عوام ھڪٻئي سان سياسي وابستگين کان مٿانھون ٿي متحد بيٺل آھي. ممڪن آھي ته سنڌ جي ننڍن شھرن اندر ان عوامي احتجاج جي شروعات اڃا نه به ٿي ھجي پر ملڪ جي وڏن شھرن ۾ واپارين پاران شروع ڪيل ان احتجاج ۽ ھڙتال جي سڏ کي نه رڳو موٽ ملي رھي آھي پر عوام ساڻن ان مطالبي جي حوالي سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيٺل نظر اچي ٿو ۽ جيڪڏھن اھڙي ئي ريت اھو احتجاج جاري رھيو ته ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ جي ننڍن وڏن شھرن تائين ان جو دائرو وسيع ٿيندو، ڇاڪاڻ ته عوام جو ھڪ وڏو انگ ملڪي معاشي حالتن ڪارڻ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ زندگي گهاري رھيو آھي ۽ جنھن ملڪ ۾ مھانگائي ڪارڻ آپگهات جون خبرون معمول بڻجي وڃن، ان جي حاڪم جي “آل اِز وَيل” واري خوشفھمي ڪنھن حماقت کان گهٽ ناھي، جنھن جو اندازو ڪنھن رونشائي نگران کان وڌيڪ ھڪ سياسي ۽ نظرياتي اڳواڻ کي ھوندو. نج عوامي مسئلن تي اثرائتا احتجاج ھڪ صحتمند معاشري جي علامت ٿين ٿا ۽ اھڙي مراعت کان اسان جو معاشرو لاڳيتو محروم رھيو آھي. مھانگائي خلاف شروع ٿيل ان عوامي احتجاج جي ھينئر تائين ڪا به سياسي جماعت قيادت نه ٿي ڪري ۽ اھو سڏ واپارين پاران ڏنو ويو ھو، جنھن کي ھن وقت تائين کليل انداز ۾ رڳو جماعت اسلامي ئي own ڪيو آھي.

جماعت اسلامي جي سڃاڻپ جيئن ته ھڪ مذھبي جماعت طور ٿئي ٿي، ان ڪري اھا به اسان جي بدقسمتي آھي ته پنھنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ان سنگين عوامي مسئلي تي ھڪ مذھبي جماعت مھڙ وارين صفن ۾ بيٺل نظر اچي ٿي، جڏھن ته اھا ذميواري سياسي جماعتن مٿان ٿي ٿئي ته انقلاب جي راھ ھموار ڪرڻ لاءِ عوام جي اڳواڻي سان پاڻمرادو انھن کي اڳيان اچي اھڙين تحريڪن ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جماعت اسلامي جھڙي جماعت عوامي ھمدردي کي پوءِ به اسلامي انقلاب جي راھ ھموار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندي ۽ 76 ورھين دوران ملڪي سياست اندر مذھب جو حاوي رھڻ ڪنھن به طرح سان لاڀائتو ثابت نه ٿي سگهيو آھي ۽ اھڙي وايومنڊل ۾ سياسي جماعتن جي مڪمل خاموشي جو منطق سمجھ کان ٻاھر آھي.

چونڊن جي ماحول جڙڻ سان ملڪ ۾ اھڙي غيريقيني واري صورتحال پيدا ٿيڻ سياسي جماعتن لاءِ ھڪ بھترين موقعو ثابت ٿي سگهي ٿو ته اھي نظرياتي اختلافن جي بنياد تي عوام ۽ سياسي جماعتن وچ ۾ موجود وڇوٽين مان جند ڇڏائڻ لاءِ اھڙن عوامي مسئلن جھڙوڪ ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي ناقص صورتحال ۽ مھانگائي خلاف “سنگل پوائنٽ ايجنڊا” تي عوام جي مالڪي کي يقيني بڻائي ڪنھن احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪري ثابت قدمي سان ان کي انجام تائين پھچائين ته جيڪر سياسي جماعتن کي اھڙن عملن جا حيرت انگيز نتيجا ملڻ سان گڏوگڏ سنڌ اندر حقيقي طور متبادل جو خال به ڀرجي سگهي. سنڌ اندر قومپرست جماعتن ۽ عوام جي انھن منجھ ويساھ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، ان ڪري سنڌ ايڪشن ڪميٽي کي گڏيل طور فعال ٿي سيد ذين شاھ واري قومي شاھراھ جي بندش واري ڪامياب “سياسي ماڊل” مٿان عمل پيرا ٿي مھانگائي خلاف ڀرپور احتجاج ڪري سنڌي ماڻھن جي قيادت جي ذميواري قبولڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مھانگائي خلاف جماعت اسلامي پاران ڏنل احتجاج جي سڏ ورنائڻ کان وڌيڪ اثرائتي پنھنجي طور تي ڪنھن تحريڪ جي شروعات ثابت ٿي سگهي ٿي. ملڪ جي ٻين صوبن جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ماڻھو پنھنجي مزاج ۾ عقيدي پرست ضرور ٿئي ٿو پر مذھبي جماعتن طرف سندس لاڙو ان حد تائين ناھي ته اھو پنھنجي ٻھراڙين ۽ ڳوٺن اندر جماعت اسلامي جي سڏ ۾ سڏ ملائي يا انھن جي ڪنھن سياسي ۽ مذھبي پروگرام کي اهڙي ريت “مَيڪرو ليول” تي قبولي. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جو ماڻھو ڪنھن سياسي ھلچل کي ڀرپور موٽ ڏيندو ۽ موجوده وقت ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي اھميت ۽ ان جي ڏوررس نتيجن کي سمجهندي سنڌ جي قومپرست جماعتن، خاص طور تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي کي اھڙي ئي طرز تي پنھنجو ڪردار نڀائڻ جي ضرورت آھي، جھڙي ريت سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن مٿان قبضي، غيرقانوني پرڏيھين جي سنڌ آمد ۽ سنڌ جي وحدانيت متعلق ماضي ۾ مختلف معاملن تي اثرائتا احتجاج ٿيندا رھيا آھن، جنھن کي سنڌ جي ماڻھن ڀرپور موٽ به ڏني آھي.