مھانگائيءَ جي موسم

0
41
مھانگائيءَ جي موسم

 لبنان جي مفڪر شاعر خليل جبران پنھنجي قيمتي ڪتاب سينڊ اينڊ فوم (Sand and Foam) ۾ لکيو آھي ته “جيڪڏھن اوھان ھڪ بکئي جي آڏو راڳ ڳائيندا ته ھو اوھان جو راڳ ڪنن سان نه پر پيٽ سان ٻُڌندو”.

                 پاڪستان جي حڪمرانن ۽ حڪمرانيءَ کان تازو ھٽيل سياستدانن ۽ سدا سائي سرڪار جي صاحبن کي تسليم ڪرڻ گھرجي ته ھن ملڪ جا ماڻھو جيتري تڪليف ۾ اڄ آھن، اڳ ڪڏھن به نه ھئا. نگران سرڪار ۾ موجود اڪثر فردن ڪڏھن سوچيو به نه ھو ته انھن کي ھڪ ڏينھن حڪومت ملندي ۽ اھا به بنا ڪنھن محنت جي! ھونءَ ته ھر ملڪ اندر اقتدار تائين پھچڻ جو ڪم ڪٺن ھوندو آھي پر پاڪستان ۾ اھا پيڙا ڪجھ نه پر ڪافي سخت آھي. اسان جي ملڪ ۾ اقتدار تائين پھچڻ لاءِ پھريان پٽڪو پيش ڪرڻو پوندو آھي ۽ پوءِ ڪنڌ قربان ٿيڻ جو خطرو کڻڻو پوندو آھي. جڏھن ته نگران سيٽ اپ ۾ موجود صاحبن کي اھڙي ڪنھن به آزمائش مان نه گذرڻو پيو. انھن کي ويٺي ويٺي اچانڪ اقتدار ملڻ جو اطلاع مليو. جڏھن ته پنھنجو پاڻ کي اين آر او ڏيڻ وارن سياستدانن کي لٿل سج جھڙي سابق چيف جسٽس جو ڏنل آخري فيصلو به ايترو پريشان نه ٿو ڪري، جيترو ھڪ آزاد ۽ قانون جي مطابق ھلندڙ سسٽم ۾ ممڪن ھجي ھا. اھڙي طرح ڪنھن کي اقتدار مليو، ڪنھن کي ڪرپشن جو مال ڦٻائڻ جو قانوني مھر وارو سرٽيفڪيٽ حاصل ٿيو، ڪنھن کي پروٽوڪول ۽ پاور واري ڪرسي ملي، ڪنھن کي طاقتور ملازمت ۾ واڌ ملڻ واري آھي، پر اھم سوال اھو آھي ته عوام کي ڇا مليو؟

پاڪستان جي عوام کي آڌي رات جو پيٽرول مھانگي ٿيڻ جي خبر ايئن ملي، جيئن اويلي پھر ۾ حملي جو اطلاع ملندو آھي. جيڪي ماڻھو سوير سمھندا ۽ سوير اٿندا آھن، انھن لاءِ اھو انڪشاف ڪيترو نه تڪليف وارو ھوندو ته ھو جڏھن ستا ھئا ته ان مھل پيٽرول 305 روپيا ليٽر ھو ۽ جڏھن ھو ڪجھ ڪلاڪ سمھي جاڳي اٿيا ته ان جي قيمت ۾ 26 رپين جو ھوشربا اضافو ڪيو ويو. اھو ڪيترو نه تڪليف وارو عمل آھي ته ڊالر سستو ٿيڻ سان ڪنھن به شيءَ جي قيمت ۾ مثبت اثر مرتب نه ٿيو. جڏھن ته پيٽرول مھانگو ٿيندي ئي پھرين پيٽرول، پوءِ ڀاڙن ڪراين ۾ اضافو ٿي ويو ۽ ان بعد ھر شيءَ مٿان ان ھڪ شيءَ جي مھانگي ٿيڻ جو اثر ٿيندو. ھن وقت ملڪ جي مارڪيٽ ۾ اھڙي ڪا به شيءَ موجود ناھي، جنھن جي قيمت ٽيڻي نه ٿي ھجي. جڏھن ته شين جي قيمتن ۾ بي پناھ اضافي جي ذميواري ڪا به حڪومت پنھنجي حصي ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. پوءِ اھا ساڍن ٽن سالن واري سابق سرڪار ھجي يا ڏيڍ سال واري اڳوڻي حڪومت! جنھن جنھن کي به جيترو وارو وڄائڻ جو موقعو مليو، ان گھٽ نه ڪئي. جيڪو به سرڪار ۾آيو، اھو عزت کان سواءِ ٻي ھر شيءَ حاصل ڪري ويو. پر ھر حڪومت مان عوام کي مھانگائي جي عذاب کان سواءِ ٻيو ڪجھ به حاصل نه ٿيو آھي.

پاڪستان ھن مھل انھن ماڻھن جو ملڪ آھي، جن ۾ ھاڻي مھانگائيءَ مان نجات ملڻ جي ڪا اميد به نه رھي آھي. ملڪ جي ماڻھن جو حال مرزا غالب جي ان مشھور شعر جھڙو ٿي ويو آھي ته:

“سنتي ھين جيتي ھين اميد په لوگ

ھم ڪو تو مرني ڪي ڀي اميد نھين”

جيڪڏھن ھاڻي به ھمت جو مظاھرو ڪندي، ڪنھن سياستدان عوام مٿان پيل مھانگائيءَ جو بار ھٽائڻ جي دعويٰ ڪئي ته ھن کي تاڙين جي صورت ۾ موٽ نه ملندي، ڇو ته عوام کي يقين اچي ويو آھي ته انھن تِرن مان اھو تيل نه ٿو نڪري سگھي، جيڪو انھن جي گھرن جا ڏيئا روشن ڪري، جيڪو انھن جي رڌ پچاءَ ۾ مددگار ٿئي ۽ جنھن سان ھو پنھنجي زندگيءَ جي اڻڀي سينڌ سڻڀي ڪري سگھي.

ھڪ مايوس ملڪ ۾ رھڻ ڪيترو نه مشڪل آھي؟ ان سوال جو جواب صرف پاڪستان جو اھو عوام سمجھي سگھجي ٿو، جنھن جي دل جي ديوار تان سياستدانن جون تصويرون ته ڪافي وقت کان لٿل آھن پر ھاڻي جيڪڏھن انھن کي تقريرون ٻڌڻ تي مجبور ڪيو ويندو ته ھو اھي تقريرون ڪنن سان نه پالھي پيٽ سان ٻڌندا. ان سلسلي ۾ سياسي ميراثين کي سمجھڻ گھرجي ته جيڪڏھن عظيم موسيقي به ڪنھن بکئي جو پيٽ ڀري نه ٿي سگھي ته ڇا انھن سياستدانن جا بي سرا ڀاشڻ خالي پيٽ رکندڙ راڄ کي اھا مسرت عطا ڪري سگھندا، جيڪا اڃيو انسان آب مان ۽ بکيو ماڻھو نانَ ملڻ وقت محسوس ڪندو آھي!

ھڪ وقت اھڙو به ھو، جڏھن مھانگائيءَ جو تذڪرو رسمي طور تي بلڪل ائين ڪيو ويندو ھو، جيئن موسم جو ذڪر ڪيو ويندو ھو. جڏھن به ڪنھن محفل ۾ گفتگوءَ جا موضوع کٽي ويندا ھئا ته ماڻھو يا موسم جو تذڪرو ڪندا ھئا يا وري مھانگائيءَ جي اوک ڊوک ڪرڻ لڳندا ھئا پر ھاڻي موسم عالمي سطح تي ھڪ عذاب واري ايجنڊا بڻجي وئي آھي. ھاڻي موسمن ۾ جيڪا تباھيءَ واري تبديلي رونما ٿي آھي، ان سبب ھڪ اڌ ملڪ نه پر پوري ڌرتيءَ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آھي. جڏھن ته اسان جي سرزمين تي به موسم جي مار کاڌل ماڻھو ھن مھل ٻٽي تڪليف مان گذري رھيا آھن. ھڪ ته انھن لاءِ موسمي تبديليءَ تڪليف جا سامان سرجيا آھن ۽ ٻيو ته ھو بنا ڪنھن وڌاءَ جي مھانگائيءَ جي گھاڻي ۾ ايئن پيڙجي رھيا آھن، جو انھن جا ھڏ به ٽڙڪاٽ ڪن ٿا. ھن وقت مھانگائي طبقن کان ماورا تڪليف جو باعث بڻجي وئي آھي. جيڪڏھن معاشري ۾ موجود اپر مڊل ڪلاس جا ماڻھو به مھانگائيءَ جو روئڻو روئندا ھجن ته ڇا اوھان مڊل ڪلاس ۽ خاص طور تي لوئر مڊل ڪلاس جي حالت زار جو اندازو به لڳائي سگھو ٿا؟ جڏھن ته موجوده حالتن ۾ ملڪ جي اڪثريتي طبقي يعني ھيٺين طبقي جي حال جي زوال جو ماپو به ممڪن ناھي.

ڪنھن دور ۾ اديب بک جي موضوع تي نٽ ھيمسن جيان ناول لکندا ھئا. سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ به شيخ اياز جا شاھڪار شعر موجود آھن، جن ۾ ھن پنھنجي ڌرتيءَ جي دکن جو تذڪرو ڪندي لکيو آھي ته:

“آ گدري جي ڦار امان

اڄ پورو ناھي چنڊ

اسان کي بک به ڏاڍي آ”

اھو شعر جيڪو ڪنھن دور ۾ ٿر ۽ لاڙ جي غريب ڪٽنب جي منظوم ڪھاڻي بيان ڪندو ھو، اڄ اھو شعر ھن ديس جي اڪثريتي عوام جو ترانو بڻجي رھيو آھي.

نگران سيٽ جي سائي ۾ ملڪ ۾ سائو انقلاب آڻڻ واري عزم جو ھن وقت ڪھڙو حال آھي؟ ڪجھ ڏينھن جي ماٺ کان پوءِ ان قسم جو سوال پيدا ٿيڻ فطري عمل آھي، ڇو ته جي ايڇ ڪيو ۾ ڪور ڪمانڊرز اجلاس بعد ملڪ جي معاشي حالتن ۾ بھتري آڻڻ واري عمل جي آجيان ڪرڻ واري فيصلي کان پوءِ ھن مھل تائين ڪٿان ڪنھن اقتصادي بھتريءَ جي اميد ليئو نه پاتو آھي. ماڻھو ھر ڏينھن وڌيڪ مھانگائي ۽ وڌيڪ مايوسيءَ جو شڪار ٿي رھيا آھن. جھڙي طرح سمنڊ ۾ آپگھات لاءِ اڳتي وڌندڙ فرد ھر وک کان پوءِ پاڻ کي وڌيڪ گھرائيءَ ۾ ويندو محسوس ڪندو آھي، ساڳي طرح سان ھن ملڪ جو عوام به ھر نئين ڏينھن گذريل ڏينھن کان وڌيڪ غربت ۽ مھانگائيءَ جي گپ ۾ گچندو وڃي ٿو. ملڪ ۾ بجليءَ جا بل ڪرنٽ واري ننگي تار وانگر جھٽڪا ھڻي رھيا آھن. سُڪي پگھار تي گذارو ڪندڙ خاندان ھاڻي جڏھن مارڪيٽ مان موٽن ٿا ته ھو اڳ کان اڌ سيڌو وٺي اچن ٿا. جڏھن ته انھن جو کيسو مڪمل طور تي خالي ٿي وڃي ٿو. جڏھن بک ۽ بدحالي عوام جو اھڙو حشر ڪندي ھجي ته ان وقت جمھوري سياست جو تذڪرو به ھڪ اھڙي ذھني عياشي محسوس ٿئي ٿو، جنھن کي ھن ملڪ جو عوام ھن حال ۾ افورڊ ڪري نه ٿو سگھي. خاص طور تي ان صورتحال ۾ جڏھن ھڪ طرف اقتدار پرست حلقا ھجن ۽ ٻي طرف بک ۽ بدحاليءَ کي ختم ڪرڻ واري حقيقي عوامي سياست جو ڪو نالو نشان ئي نه ھجي.

پاڪستان ۾ مھانگائيءَ جا سبب قدرتي ناھن. ايئن ناھي ته ڪو ھن سرزمين جا جر سُڪي ويا آھن. درياھ رخ تبديل ڪري چڪا آھن. ٻنين ۾ ٻج ڦٽي فصل نه ٿا بڻجن. ائين ناھي ته وڻن ميوا جھلڻ بند ڪيا ھجن. سمنڊن مان مڇيون فرار ٿي چڪيون ھجن ۽ ملڪ جي سرزمين فطرت جي سرڪش ھٿن ۾ سخت تڪليف محسوس ڪندي ھجي. ايئن بلڪل به ناھي. ھن مھل به ھي ملڪ قدرتي وسيلن ۽ متوازن موسمن جو ماڳ آھي. جيڪڏھن فطرت جي بي شمار نعمتن جي ھوندي به ھن ملڪ ۾ غربت، افلاس، بک، بدحالي ۽ بدامني آھي ته ان جو سبب رياست ۽ حڪومت جون اھي پاليسيون آھن، جن جي نتيجي ۾ مھانگائي راڪاس وانگر راڙا ڪري ماڻھن جي گھرن ۾ گھڙي پئي آھي. جيڪڏھن ڀارت پنھنجي تمام وڏي آباديءَ جي ھوندي به جي- 20 (G-20) جي ميزباني ڪري سگھي ٿو ته اسان برڪس (BRICS) جا مھمان ڇو نه ٿا بڻجي سگھون؟ اھا حقيقت آھي ته اسان جي ملڪ جو اوڀر وارو اڌ، ڪڏھن اولھ واري اڌ لاءِ مصيبت سمجھيو ويندو ھو پر اھو اڌ پورو ملڪ ٿيڻ بعد ھن وقت معاشي سفر ۾ اميدن سان گڏ اڳتي وڌي رھيو آھي. جڏھن ته ان ملڪ ۾ اھي قدرتي وسيلا به آھن، جيڪي ھن ملڪ ۾ منڍ کان وٺي موجود رھيا آھن. اھي معدنيات جون کاڻيون اڄ اسان جي حال تي کلي رھيون آھن. گيس جا ذخيرا اسان جي اکين ۾ آلاڻ پيدا ڪري رھيا آھن. ڀر ۾ سستو پيٽرول اسمگل ٿي رھيو آھي، پر اسان جي رياست ۽ حڪومت انھن معاھدن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آھن، جيڪي زنجير انھن مٿان ڪنھن وڌا ناھن پر انھن پنھنجي ھٿن سان پاڻ کي جڪڙيو آھي ۽ ھو ان مان آجا ٿيڻ به نه ٿا چاھين، ڇو ته انھن معاھدن ۾ ڪجھ ڌرين جو فائدو آھي.

پاڪستان جي پيڙا فطرت جي پيداوار ناھي. ھن ملڪ جي ماڻھن جي غربت جو سبب اھي غلط ۽ عوام دشمن پاليسيون آھن، جن کي ھيءَ حڪومت به ھڪ مقدس ورثي جيان سيني سان لڳائي، جوش ۽ جذبي سان ملي نغما ڳائڻ ۾ مصروف نظر اچڻ چاھي ٿي.