مھانگائيءَ جو طُوفان ۽ حڪومتي بيحسي

0
16
غيرقانوني وياج جو ڪاروبار

مھانگائيءَ ملڪ ۾ طُوفان جي شڪل اختيار ڪري ورتي آھي. سڄي ملڪ جي عوام جي زندگين ۾ هڪ وڏو طوفان برپا آھي. هڪ اهڙو طوفان، جنھن عام ماڻھن جي زندگين کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آھي. ھي ملڪ، جتي غربت ۽ معاشي دھشتگردي آھي، جتي گڊ گورننس جو فقدان آھي، بيڊ گورننس جو راڄ آھي. جيئن جيئن هر ڏينهن گذرندو آهي، تيئن تيئن ملڪ جي ھر خاندان تي قرض جو بار وڌندو ويندو آهي، غلط حڪومتي پاليسين جي ڪري ان ۾ اضافو ٿيندو ويندو آهي، حڪمرانن ۽ معاشي ماھرن جون عقل ۽ تدبر کان وانجھيل اھي ناڪارا پاليسيون شهرين جي تڪليفن کي گهٽائڻ بجاءِ وڌيڪ وڌائي رھيون آهن.

ملڪ اندر روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو جاري آهي، پيٽرول جون قيمتون وقفي وقفي سان وڌايون پيون وڃن، بجليءَ جي بلن ۾ ”نامعلوم ٽيڪس“ لڳائي ماڻھن جي اھنجن ۾ اضافو ڪيو ويو آھي، گيس جون قيمتون وڌايون ويون آھن. جڏهن پيٽرول جي قيمت وڌي ٿي، کاڌي کان ٽرانسپورٽ تائين هر شئي جي قيمت ۾ اضافو ٿيندو آھي. اھڙي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال ۾ به اڃان تائين حڪومت وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاء آتي آھي. عوام ۾ ھن وقت اھڙي صورتحال جي ڪري شديد ڪاوڙ به آھي ڳڻتي به آھي پر حيرت اھا ته ان ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ به حڪومت کي ڪنھن به قسم جي ڪا ڳڻتي ناھي، جيڪا يقينن ڳڻتيءَ جي ڳالھ آھي.

ڳالھ رُڳو مھانگائيءَ تائين محدود ناھي بيروزگاري به ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي.اھا ڪارڪردگي حڪومت جي ناڪامي جو ثبوت آهي.ڇو ته هن اهم مسئلي کي به حڪومت مؤثر طريقي سان حل ناھي ڪري سگھي. نوڪريون اڻلڀ آهن، موقعا اڻلڀ آهن، ۽ سياستدانن پاران ڪيل خوشحاليءَ جا واعدا عوام جي ڪنن ۾ اڃان به گونجي رھيا آھن. ملڪ جي ماڻهن لاءِ هڪ مستحڪم معيشت جو خواب اڌورو ئي رهجي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي گھٽ آمدني ۽ وڌندڙ خرچن جي ڪري معاشي توازن وڃائجي چُڪو آھي. اهڙي ماحول ۾، جتي خوراڪ ۽ رهائش جهڙيون بنيادي ضرورتون به غريبن لاءِ آسائشون لڳڻ لڳن ٿيون، اتي حڪمرانن کي ڪو فڪر نه ھجڻ به وڏي فڪر جي ڳالھ آھي. حقيقت ۾ سياستدان، پنهنجي شاهه خرچين ۾ مشغول آھن، جنھن ڪري اھي عوام جي حالت کان غافل نظر اچن ٿا، جن جي خدمت لاءِ ئي اهي چونڊيا ويا آھن. اها بي حسي مايوسي پيدا ڪري ٿي، انصاف ۽ برابري جي خواهش رکندڙ عوام جي دلين ۽ دماغن ۾ ڪاوڙ جا ٻج پوکي ٿي.

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ھن ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ ۾ ماڻھو ٻه ويلا ماني کائي، صحت ۽ سگھائيءَ جي ڪن، بجلي گئس جا ڳاٽي ٽوڙ بل ڀري، اسڪول جي فيس ڏي، گھر جو ڪرايو ڏي، ٽرانسپورٽ جو خرچ ڀري يا دُنيا ۾ اُٿي ويٺي جي ڪري. ڇو ته محدود آمدنيءَ مان اھڙي مھانگائيءَ ۾ پنھنجا بنيادي خرچ ڪرڻ به ڏينھون ڏينھن مشڪل بڻجندو وڃي. خاندانن جا خاندان ھن وقت معاشي بدحالي جي ڪُن ۾ ڦاٿل آهن، عوام انساني بنيادي ضرورتن کي به پوري ڪرڻ کان قاصر آهي.

ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته حڪومت معاشي سُڌارن ۽ عوام دوست پاليسين تي توجھ ڏئي. عالمي مالياتي ادارن جي فرمائش تي جوڙيل بجيٽ ۽ انھن جي ھر حڪم اڳيان “جِي حُضور” نه ڪيو وڃي. حڪمران عوام جي ووٽ تي چونڊجي اقتداري ايوانن ۾ پھتا آھن، نه ڪي انھن استحصالي عالمي مالياتي ادارن جي ڪري. ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته عوام جي ڀلائي کي سڀ کان وڌيڪ اوليت ڏئي، مهانگائي تي ضابطو آڻي ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪري، جتي نوڪريون پيدا ٿين، تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي اوليت ڏني وڃي ته جيئن ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي.ان کان علاوه حڪمراني جي سڀني سطحن تي احتساب لاڳو ڪيو وڃي. حڪومت ۽ انهن جي نمائندن جي وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ مالي معاملن ۾ شفافيت ۽ محتاط مالي انتظام ضروري آهن. ملڪ اندر ھونئن ته ٻيا به درجنين ٻرندڙ مسئلا آھن پر مھانگائيءَ عوام جي اھنجن ۾ “رڪارڊ” اضافو ڪيو آھي. حڪمرانن کي گھرجي ته پنھنجا “شاھي خرچ” گھٽائي ۽ عوام دوست معاشي پاليسيون جوڙيون وڃن ۽ مھانگائيءَ جي بي قابو بڻجي ويل جِنَ کي بوتل ۾ بند ڪيو وڃي!