مڱڻي کان پرڻي تائين سنڌ جون رسمون ۽ رواج … جنيد احمد

0
200
مڱڻي کان پرڻي تائين سنڌ جون رسمون ۽ رواج ... جنيد احمد

سڱ گھرڻ جا طريقا:

گھوٽتين منجھان وڏڙا سڱ گھرڻ ڪنواريتن وٽ ويندا ۽ حال احوال وٺڻ کان پوءِ ڪنواريتا راضي ھوندا ته گھوٽتين کي چوندا ،

” ادا شرع ۾ شرم ڪونھي پوءِ به لکئي جا ليک جيئن ھوندو ائين ئي ٿيندو ڀائر ڀائرن سا سونھن ” “

جيڪڏھن ڪنواريتا سڱ ڏيڻ لاءِ راضي ھوندا ته چوندا

” مرڻ ناھي مھڻو ، پرڻو ناھي گار لکئي جا ليک “

سڱاوتي يا مٽي مائٽيءَ جا شرط:ھت اھا ڳالھه ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته سنڌ جي جدا جدا ذاتين ۾ سڱ ڏيڻ ۽ وٺڻ جون رسمون مختلف ٿين ، پر تڏھن به ٿوري ڪي گھڻي ڦيرڦار کان سواءِ سڀئي رسمون ساڳيون آھن

پڌري: سڱ ملڻ جي پڪ ٿيڻ کان پوءِ گھوٽ جي گھر وارا ڪنواريتن ۾ مٺائي کڻي ايندا ڪپڙن جو جوڙو ۽ خرچي ڏئي ڳالھه پڪي ڪندا

مڱڻو:ھن رسم ۾ گھوٽيتا ڪنواريتن جي گھر ڄڃ جي صورت ۾ اچي ڪنوار کي پوتي (جوڙو) وجھي نڪ ٽوپيندا آھن ۽ڪنواريتا وري موٽ ۾ گھوٽ کي لونگي ڍڪائيندا ، سڄي ڄڃ کي کير پيارين. گھوٽ ۽ ڪنوار کي منڊي پارائڻ نڪ ٽوپڻ يا ڌاڳو پارائڻ جي رسم پڻ ادا ڪئي ويندي آھي .

شادي جي دعوت:شادي جي تاريخ مقرر ٿيڻ کان پوءِ گھوٽيتا پري پري جي يارن دوستن کي سگھري يا ڇڙي دعوت ڪارڊ يا زباني ڏيندا آهن

ٻڪي جي رسم:شادي کان پھرين ٻڪي جي رسم زالون ڪن جنھن ۾ ٻڪ ۾ کنڊ ونڊن .

ونواھه جي رسم:ھن کان پوءِ شادي کان ست يا نوَ ڏينهن ڪنوار گھوٽتين جون زالون ڪنواريتن ۾ پڙو کڻي وينديون ۽ پوءِ ڪنوار کي کي “وناھه” يا “ونواھه”۾ ويھارڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آھي .

ميندي جي رسم:ھن کان پوءِ گھوٽ ۽ ڪنوار کي ميندي لائڻ جي رسم ادا ڪن. ان ۾ ماني ڪنواريتا کارائن ڇوڪريون ٻنهي طرف جون نچڻ ڳائڻ خوب ڪنديون آهن

شادي جي رسم:شادي جي ڏينهن ڪنوار جا ڪپڙا گھوٽيتا ڏيندا گھوٽ کي وري ڪنواريتا سڄي ڄڃ کي گھوٽيتاماني کارائن، ڄاڃين سان ڀوڳ ، چرچا ، پڻ ڪن نڪاح ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه رسمون ڪن ۽ نڪاح کان اڳ ڪجھه رسمون به پڻ ڪن جھڙوڪ ، نڪاح کان پوءِ سرڪس ، پلئو ڏيڻ ، ڍڪڻي ڀڃڻ ، لانئون ڏيڻ تر مئڻ ، ڦل چونڊڻ ، کارڪ کارائڻ ، مٺ کولڻ ، منھن ڏسڻ ، ڪنوار کي موڙو ڏيڻ.

ستاوڙو:شادي کان پوءِِ” ستاوڙو ” يا ” ٽي-واڙو” جي رسم ٿئي جنھن ۾ ڪنواريتن ۾ وڃن ۽ ھڪ رات رات رھي گھوٽ ۽ ڪنوار واپس گھوٽ جي گھر اچن ، جنھن ۾ کين سوکڙيون پاکڙيون ۽ ڏوڪڙ ڏنا وڃن ٿا .(فيس بوڪ تان ورتل)