ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا خلاف ٻيهر انڪوائري شروع ڪرڻ جا سبب طلب ڪري ورتا، عدالت نيب عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اڳوڻي جاچ آفيسر مرزا علي بيگ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، عدالت جاچ آفيسر کي وارننگ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بدنيتي نظر آئي ته توهان کي جيل موڪلينداسين، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻين کي هراسان ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت نيب عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙيون ڪارروايون اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ ڇو ٿي رهيون آهن؟ 2021ع کان انڪوائري ڇو نه ڪئي وئي؟ توهان کي خبر آهي، هاڻي چونڊون ويجهو آهن ته هاڻي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن اسيمبلي هئي ۽ درخواست گذار ايم پي اي هو، تڏھن ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ٻن سالن ۾ ڇا ڪيو آھي؟ جنهن تي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته 2021 ۾ انڪوائري شروع ٿي، جيڪا  پوءِ وري بند ٿي وئي، اڳوڻي جاچ آفيسر کان جاچ مون ڏانهن منتقل ٿي آهي. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اسان گرفتاري وارنٽ جاري نه ڪيا آهن ۽ نه ئي ڪال اپ نوٽيس جاري ڪيو آهي، ھن وقت مامرو انڪوائري سطح تي آھي، جنهن تي عدالت چيو ته پر اسان وٽ ته ڪيتريون ئي درخواستون آيون آهن، توھان انڪوائري ڇو بند ڪئي؟ توهان پنهنجي طور تي انڪوائري بند ڪئي ھئي، اسان کي نيب جي پريڪٽس جي خبر آھي ته اھو ڪيئن ڪم ڪندو آھي؟ عدالت جاچ آفيسر کي وارننگ ڏيندي چيو ته اسان کي توهان جي بدنيتي نظر آئي ته جيل موڪلينداسين، عدالت مامري جي انڪوائري ٻيهر شروع ڪرڻ جا سبب طلب ڪندي اڳوڻي جاچ آفيسر مرزا علي بيگ کي ذاتي حيثيت ۾ گهرائي ورتو، عدالت ڊي جي نيب کي آرڊر جي ڪاپي موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 10 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو،