ممبئي(انٽريسٽنگ نيوز) ممبئي جي شاهراهه تي پري کان نظر ايندڙ آسمان ڇهندڙ 27 ماڙ عمرات ”انٽيليا“ صرف هڪ گھر ئي نه پر جديد اڏاوت جو عجوبو آهي، جيڪو مڪيش امباني جي ملڪيت آهي. هي عمارت 15 هزار ڪروڙ ڀارتي رپيا جي لاڳت رکي ٿي. انٽيليا جي سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها بنا ايئرڪنڊيشن جي، برف جيترو ٿڌو رهندو آهي، ان جو سبب اهو آهي جو ان ۾ جديد سينٽرل ڪولنگ سسٽم لڳايل آهي، جيڪو نه رڳو گرمي پد کي ڪنٽرول ڪندو آهي، پر عمارت ۾ لڳل قيمتي سنگ مرمر ۽ گلن جي حفاظت به ڪندو آهي. ادا ڪارا شريا ڌنونوتري انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جڏهن هن ڪمري جوگرمي پد وڌائڻ جي درخواست ڪئي ته کيس ٻڌايو ويو ته اهو ممڪن ناهي ڇو جو اهو سسٽم عمارت جي قديم مواد لاءِ خاص گرمي پد تي سيٽ آهي. هن شاهي گھر ۾ 3 هيلي پيڊ، 6 ماڙ ڪار پارڪ، 50 سيٽن واري خانگي سينيما، يوگا سينٽر، اسپا، مندر ۽ ”سنو رمو“ به موجود آهي، جتي ڀتين مان هٿرادو برف جا ذرا خارج ٿيندا آهن. ممبئي جي گرمي ۾ جڏهن ٻاهر گرمي پد 40 ڊگري هوندو ته هتي برفباري جھڙو منظر هوندو آهي. انٽيليا جي اڏاوت ۾ 6 سال لڳي ويا ۽ ان تي لڳ ڀڳ 15 هزار ڪروڙ ڀارتي رپيا لاڳت آئي. ان جي سار سنڀال لاءِ 600 ملازم، 24 ڪلاڪ ڪم ڪندا آهن هر مهيني بجلي جو بل لڳ ڀڳ 70 لک ڀارتي رپين ۾ ايندو آهي جيڪا رقم پاڪستاني رپين ۾ سوا ٻه ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ آهي. 2010ع ۾ اڏاوت مڪمل ٿيڻٻ کان پوءِ امبانيءَ خاندا ”واستو شاستر“ جي اصولن موجب تبديليون ڪرائي 2011ع ۾ ان ۾ رهائش اختيار ڪئي. اڄ انٽيليا نه رڳو هڪ گھر پر جديد ٽيڪنالوجي ۽ شاهاڻي طرز زندگي جو هڪ جيئرو مثال آهي.