ٺٽو (رپورٽر) جھرڪ لڳ ڳوٺ عظيم پالاري واسي جي گم ٿي ويل نوجوان جو مهينو گذرڻ باوجود ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو . ان ڏس ۾ جھرڪ لڳ سانپا موري ڀرسان ڳوٺ عظيم پالاري جي رهواسي پيرسن علي مراد چانگ مڪلي پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سندس نوجوان پٽ عبدالجبار گذريل هڪ مهيني کان گم آهي، جنهن جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو، گھڻي ڳولا به ڪئي آهي پر هن مهل تائين ڪوئي ڏس پتو ناهي ملي سگھيو، هن چيو ته سندس نوجوان پٽ عبدالجبار گذريل هڪ مهينو اڳ موٽر سائيڪل تي گهران نڪري ٺٽي ايندي گم ٿي ويو آهي، هن چيو ته هن پنهنجي گم ٿي ويل پٽ جي جھرڪ ٿاڻي تي رپورٽ پڻ درج ڪرائي آهي پر پوليس به هن مهل تائين سندس پٽ هٿ ناهي ڪري سگھي، هن پوليس سميت سڄاڻ ڌرين کي سندس پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.