ٺٽو (رپورٽر) مڪلي ۾ ڪووڊ ملازمن 4 سال ڊيوٽي ڪرڻ باوجود پڪو نه ڪرڻ ۽ ھڪ سال کان پگھارون نه ملڻ خلاف ڊي ايچ او آفيس آڏو آپڪا اڳواڻ عبدالڪريم ڀاند، بابو ھدايت الله فاضلاڻي، شھباز ميمڻ، سينيئر نائب صدر شاهه حسين شاهه، جنرل سيڪريٽري برھان شاهه، عبدالرزاق جاکرو ۽ ٻين اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته ڪووڊ ملازمن کي گذريل ھڪ سال کان پگھارون ناهن مليون، ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، جڏھن ته 4 سال ڊيوٽيون ڪرڻ باوجود ڪووڊ ملازم پڪا به ٿي ناھن سگھيا، ھنن گھر ڪئي ته فوري طور تي ڪووڊ ملازمن کي رھيل ھڪ سال جون پگھارون ڏياري بک ۽ بدحالي کان بچائي کين فورن پڪو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.