ٺٽو (رپورٽر ) مڪلي ۾ اڻڄاتل ماڻهن هٿان ڪهاڙي ۽ تيز اوزار سان بلوچستان واسي جوڙي جو بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي، مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ واقع درگاهه شيخ عالي ڀرسان رهائشي ڪوارٽر ۾ ترسيل بلوچستان جي ڊيرا مراد جمالي واسي جوڙي پيروز پٽ ساول خان ۽ سندس وني اڻڄاتل ماڻهون ڪهاڙين ۽ تيز اوزار جا وار ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا، مڪلي پوليس پاڙي وارن جي اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي زال مڙس جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال ٺٽو مڪلي منتقل ڪيا، پوليس موجب واردات واري هنڌ تان هٿ ڪيل ڪهاڙي ۽ ڇري تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي، هوڏانهن بلوچستان واسي جي مقتول جوڙي بابت اهو به چيو پيو وڃي ته رند ذات سان تعلق رکندڙ جوڙي ڪجهه وقت اڳ شادي ڪرڻ بعد مڪلي اچي رهائش اختيار ڪئي هئي، ٻئي طرف مڪلي پوليس چوڻ آهي ته پيش آيل واقعي جي گھڻ رخي جاچ شروع ڪرڻ سان گڏ مقتول جوڙي جي وارثن جي نه اچڻ ڪري مقتول جوڙي جا لاش سرد خاني ۾ رکيا ويا آهن ۽ جيئن ئي وارث ايندا ته وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي ڪارو ڪاري جو لڳي رهيو آهي، جڏهن ته خبر جي فائيل ٿيڻ تائين مقتول جوڙي جا وارث پهچي نه سگھيا هيا ۽ مڪلي پوليس موجب وارثن جي اچڻ تائين مقتولن جي لاش سرد خاني ۾ رکيل رهندا.