ٺٽو (رپورٽر ) مڪلي ۾ بجلي جي اکٻوٽ خلاف رات دير سان مڪلي واسين گھرن کان ٻاھر نڪري اچي مڪلي ٺٽو باءِ پاس وٽ ٺٽو ڪراچي قومي شاھراهه تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ھتان کان لنگھندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري سخت نعري بازي ڪئي، جڏھن ته ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شھرين ذوالفقار ڳاھو، اسد شاھه، اشرف ۽ ٻين احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو آھي ته مڪلي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر جو شھر آھي، جنھن ۾ واپڊا اختيارين جي ناقص ڪارڪردگي سبب لوڊشيڊينگ سان گڏ بجلي جي مسلسل اکٻوٽ جاري آھي، ھنن چيو ته قھر جي گرمي ھجڻ ڪري مڪلي سوسائٽي جي فيز 4 ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي رھواسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آھي، ھنن چتاءَ ڏيندي چيو ته مڪلي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊينگ جو خاتمو آڻي بجلي جي اکٻوٽ بند نه ڪئي وئي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.