ٺٽو (رپورٽر) روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران انتها پسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جي ڪاميابي لاءِ ٺٽي ضلعي ۾ ثقافتي ۽ علمي ادبي سرگرميون عروج تي پهچي ويون آهن، ان سلسلي ۾ مڪلي جي تاريخي ماڳ تي نيشنل پريس ڪلب جي اڱڻ تي منعقد ڪرايل مشاعري ۽ موسيقي جي محفل ۾ اديبن شاعرن سياسي سماجي اڳواڻن ۽ فنڪارن شرڪت ڪري ايڪتا ڏينهن کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ جو وچن ڪيو، جڏهن ته اُن موقعي تي “انتهاپسندي کان آجي سنڌ” جي موضوع تي مذاڪري ۽ مشاعري جي نشست جي صدارت جماعت خادم الفقراءُ جي سرپرست شاعر ۽ اديب صوفي ذوالفقار علي قادري ڪئي ۽ مهمان خاص طور ناليوارو محقق تاريخدان ڊاڪٽر محمد علي مانجهي شريڪ ٿيو، جڏھن ته مشاعري جي محفل ۾ درجن کان مٿي شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي، مشاعري ۾ شاعرن رمضان ميمڻ، محمد مارو خشڪ، نور سرائي، مقبول حفي شاهه بخاري، جمشيد جوکيو، فقير اڪرم مڱڻھار، وفا صلاح الدين بروهي، محمد عمران بشير، اياز انڙ، مجاهد ڪلمتي، علي محمد جوکيو، شريف رند، فضل جاکرو، محمد خان ملاح، عبدالله چانڊيو، فدا حسين ميمڻ، حميد مهراڻوي، جي ايم ٿهيم ۽ ٻين شاعري پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي، جڏھن ته مذاڪري کي جماعت خادم الفقراءُ جي سرپرست صوفي ذوالفقار علي قادري، ناليواري محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر عبدالرزاق چانڊيو، ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي صدر سيد جلال شاهه، پ ٽ الف ضلعي ٺٽي جي صدر شريف تنيو، ٺٽو شھري اتحاد جي صدر جاويد غني ميمڻ، شاعره گل بيبي شاهه، نيشنل پريس ڪلب جي صدر محبوب بروهي، ڀورو سرڪي، انور آرزو ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ايڪتا جو ڏينهن اسانجي لاءِ قومي خوشي جو ڏينهن آھي، پهرين ڊسمبر تي ايڪتا جو ڏينهن ڀرپور قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، محفل گذريل رات دير تائين جاري رهي، جنهن ۾ ناليوارن فنڪارن خادم حسين سخيراڻي ۽ فقير امام علي بروهي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري محفل ۾ شريڪ اديبن، شاعرن ۽ نوجوانن کي جهومائي ڇڏيو.