ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) مڪلي ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، 2 نوجوان فوت، ڊرائيور فرار خبر موجب مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ واقع ٺٽو سيمنيٽ فيڪٽري لڳ غلام الله روڊ تي ڊسٽرڪٽ جيل ويجهو تيز رفتار ٽرڪ  موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي مٿان چڙهي وئي، لڱ ڪانڊاريندڙ حادثي ۾ غلام ﷲ ويجھو ڳوٺ سليمان ڪھيو واسي 2 موٽر سائيڪل سوار نوجوان شاھد ڪھيو ۽ مولا بخش ڪھيو فوت ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي مڪلي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين کي سول اسپتال ٺٽو مڪلي منتقل ڪيو، روڊ حادثي جي ٻنهي فوتين جي سڃاڻپ وارثن اسپتال پھچي ڪئي، جڏهن ته حادثي واري هنڌ تان ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ ڪاهي فرار ٿي ويو، هوڏانهن مڪلي پوليس پاران حادثو ڪندڙ ٽرڪ ۽ ڊرائيور جي ڳولا شروع ڪئي وئي آھي، جڏھن ته وارث ٻنھي فوتي نوجوان جي لاشن کي غلام ﷲ ويجھو ڳوٺ سليمان ڪھيو کڻائي ويا، جتي ٻنھي فوتين جا مڙھه گھر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو.