ٺٽو(رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٽائون ڪاميٽي ميرپورساڪرو جي چيئرمين اقبال خاصخيلي بدين جيل مان ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد صحافي يوسف شاهين سان گڏ پنهنجي وڪيل اعجاز جماڻي معرفت فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ٿي قميص لاهي پاڻ تي پوليس جي پٺن ۽ ٻين هنڌن تي ڪيل بدترين تشدد جا نشان ڏيکاري چيو ته کيس مڪلي ۽ سي آءِ اي پوليس گرفتار ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي.  جڏهن ته عدالت ٽائون چيئرمين تي ڪيل تشدد جي نشانن جا وڊيوز ۽ فوٽو پڻ حاصل ڪري پوليس جي تشدد جي نشاني بڻيل ٽائون ڪاميٽي ميرپورساڪرو جي چيئرمين اقبال خاصخيلي ۽ پريس ڪلب ميرپورساڪرو جي جنرل سيڪريٽري صحافي يوسف شاهين جي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ سول اسپتال ٺٽو جي سول سرجن کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عدالت گذريل ڏهاڙي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ صحافي جي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ واري جاري ڪيل حڪم تي انويسٽيگيشن آفيسر پاران عمل نه ڪرڻ تي اربع ڏهاڙي اڄ انويسٽيگيشن آفيسر کي پڻ عدالت طلب ڪري ورتو آهي، هوڏانهن عدالتي حڪمن تي پوليس تشدد جي نشاني بڻيل ٽائون ڪاميٽي ساڪرو جي چيئرمين ۽ مقامي صحافي سول اسپتال پهچي پنهنجو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي ورتو آهي ۽ ان موقعي تي پوليس جي بي رحماڻي تشدد جي نشاني بڻيل ٽائون ڪاميٽي جي چئيرمين اقبال احمد خاصخيلي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته کين پوليس سخت تشدد جو نشانو بڻائي هٿ ٽوڙي ڇڏيو آهي، هن چيو ته مٿس جن به پوليس اهلڪارن تشدد ڪيو آهي، انهن خلاف هو قانوني ڪارروائي جو حق رکي ٿو ۽ انصاف لاءِ هو پوليس اهلڪارن خلاف عدالت پڻ ويندو. واضع رهي ته 2 ڏينهن اڳ ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين اقبال خاصخيلي ۽ مقامي صحافي يوسف شاهين کي مڪلي مان کنڀي نامعلوم هنڌ تي رکيو ويو، جنهن خلاف وارثن ۽ ساڪرو جي شهرين جي ڪيل سخت احتجاج بعد مڪلي پوليس گرفتاري ظاهر ڪئي هئي.