ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) مڪلي ويجھو بجلي جي ٿنڀي تي ڪم ڪرڻ دوران بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب واپڊا جو نجي ملازم فوت ، فوتي جي وارثن ٺٽو ڪراچي قومي شاهراهه تي واپڊا خلاف ۽ مرضيءَ موجب ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ واقع شورا موري لڳ ڳوٺ گل محمد حمائتي واسي 35 ورهين جو پورهيت نثار احمد حمائتي مڪلي ۾ گرڊ اسٽيشن ويجھو بجلي جي ٿنڀي تي ڪم ڪرڻ دوران اوچتو بجلي جي چالو ٿيڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ موقعي تي فوت ٿي ويو ، فوتي پورهيت جي لاش کي سول اسپتال نيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پورهيت جو مڙهه گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل واپڊا جي نجي ملازم نثار احمد حمائتي جي وارثن نديم حمائتي، ذوهيب حمائتي، مقبول حمائتي، رياض حمائتي ۽ ٻين پاران نثار احمد حمائتي جي موت جو ذميوار واپڊا انتظاميه کي ڄاڻائي مڪلي ٿاڻي تي سندن مرضي موجب واپڊا تي ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي درگاھ محمد علي شاهه وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ٺٽو-ڪراچي، بدين-سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان توڙي حيدرآباد ايندڙ ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو. مڪلي پوليس جا وڏا اٽالا ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاجي مظاهري ڪندڙن تي لٺبازي شروع ڪري ڏني جنهن دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ تي پوليس مظاهرين کي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان هنيل ڌرڻو ختم ڪرائي روڊ کولرايا.