ٺٽو ( رپورٽر ) مڪلي جي ورڪشاپ واسي پورهيت سليم عرف ببو ميربحر پاران ڄاڻايو ويو آهي ته سندس 7 ورهين جي ڌيءَ مريم ميربحر آچر ڏهاڙي صبح ڌاري ٺٽو شهر جي شاهي بازار ۾ گم ٿي وئي آهي سندس گھڻي ڳولا ڪئي وئي آهي پر ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو هن چيو ته نينگري جي هٿ نه اچڻ تي هو سخت پريشان آهن جڏهن ته هن وس وارن کان سندس گم ٿي ويل ڌيءَ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي .