ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) مڪاني کاتي جي اختيارين پاران ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، ٽائون آفيسرن، ميونسپل ڪمشنرن،  ڊپٽي ڊائريڪٽرن توڙي اڳوڻن ٽرانزيڪشن آفيسرن،  اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن ۽ ٻين آفيسرن جو گھيرو تنگ ڪرڻ لاءِ کاتيوار انڪوائريون شروع نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آءِ ۾ ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏيندڙ آفيسرن جون لسٽون پڻ طلب، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  مڪاني ادارن واري کاتي پاران گذريل 15 سالن دوران ٽائون ڪاميٽين، ميونسپل ڪارپوريشنز، ٽائون ميونسپل توڙي يونين ڪائونسلن ۽ يونين ڪاميٽين جي ماهوار بجيٽ ۾ غبن سميت مڪاني ادارن جي ماتحت اٿارٽين ۾ ڪرپشن وارن اسڪينڊلز کي ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مڪاني ادارن واري وزير مبين جماڻي جي هدايتن تي لوڪل گورنمينٽ جي اختيارين سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، واسا، ايڇ ڊي اي، ڪراچي واٽر بورڊ، لوڪل گورنمينٽ بورڊ سميت سمورين ڪائونسلن جي ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏيندڙ آفيسرن جون لسٽون طلب ڪري ورتيون آهن، لاڳاپيل اختيارين ڏانهن اماڻيل خط ۾ کين هدايت ڪئي وئي آهي ته نيب، اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي توڙي ٻين ادارن ۾ ڪرپشن جي ڪيسن کي منهن ڏيندڙ يا نيب سان پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، لکيل خط سان گڏ پروفارما به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آفيسرن جا گريڊ، ڪيسن جو تعداد، پوسٽنگ جو هنڌ توڙي ٻي معلومات گهري وئي آهي، انهي حوالي سان مڪاني ادارن واري کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف کاتن ۾ ڪرپشن جي ڪيسن کي منهن ڏيندڙ مڪاني ادارن جي آفيسرن خلاف کاتيوار انڪوائريون  شروع ڪرڻ سان گڏ کين موجوده پوسٽنگ  تان به هٽايو ويندو.ٻئي طرف آبپاشي کاتي ۾ اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ ايف آءِ توڙي ٻين ادارن جي ڪيسن کي منهن ڏيندڙ ڪامورن ۽ انجنيئرن جا تفصيل اڃا تائين اختيارين حوالي نه ٿي سگھيا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب آبپاشِي واري وزير ايشور لال جي هديتن تي آبپاشي کاتي جي اختيارين سمورين لاڳاپيل عملدارن کي خط لکي هدايت ڪئي هئي ته ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏيندڙ انجنيئرن، چيف انجنيئرن توڙي ٻين آفيسرن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، 2 هفتا  گذرڻ باوجود آبپاشي کاتي وٽ ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏيندڙ آفيسرن جا تفصيل جمع نه ٿي سگھيا آهن.