حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري نگران صوبائي وزير مبين جماڻي چيو آهي ته سنڌ جي نگران حڪومت جي 10 صوبائي وزيرن جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق نه آهي. نگران حڪومت پ پ، پي ٽي آءِ توڙي ايم ڪيو ايم جي بي ٽيم ناهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن شهباز هال ۾ مڪاني کاتي جي عملدارن سان گڏجاڻي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو آهي. ان موقعي تي ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو، مڪاني ادارن جو ريجنل ڊائريڪٽر عبيد الله صديقي به ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير چيو ته سڄي سنڌ ۾ اهي هدايتون ڪيون ويون آهن ته مڪاني کاتي ۾ جن به آفيسرن تي نيب ۾ ڪيس آهن يا جيڪي نيب ۾ والنٽيئر رٽن (وي آر) ڪرائي چڪا آهن انهن کي سندن عهدن تان هٽايو ويندو. هن چيو ته مڪاني کاتي ۾ 17هين گريڊ وارو آفيسر 18هين گريڊ تي مقرر هئڻ واري ڳالهه درست آهي ۽ اهي به اطلاع مليا آهن ته ڪيترائي آفيسر هڪ کان وڌيڪ عهدن جي چارج رکيو ويٺا آهن. هن چيو ته مڪاني کاتي ۾ 700 کان 800 آفيسرن جون جايون خالي آهن. تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ميونسپل آفيسرن جا نتيجا پڌرا ڪيا آهن. ملازمن جي کوٽ پوري ٿيڻ کانپوءِ مٿين گريڊ جي عهدي جي هيٺين گريڊ جو آفيسر مقرر نه ٿيندو. سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول آهي پر آفيسرن جي کوٽ سبب ضروري ڪم هلائڻ لاءِ مقرريون ٿيل آهن ۽ جن آفيسرن وٽ هڪ کان وڌيڪ عهدا آهن انهن کي اتان هٽائي انهن جي جاءِ تي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل آفيسرن کي مقرر ڪرڻ جو عمل جاري آهي. هن چيو ته منهنجي پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان ڪا به ويجهڙائي يا دوست ناهي ۽ نه ئي وري منهنجو پيپلزپارٽي سان ڪو تعلق آهي. هن چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڪرپشن جي شڪايتن جي اٿارٽي جو سمورو ڪاروهنوار گذريل مهيني کان آن لائين ڪيو ويو آهي جتي ڪو به بلڊنگ پلان منظور ٿيڻ لاءِ جيڪي به قانوني گهرجون پوريون ٿيل هونديون ته انهن جو ڪم آساني سان ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن به بلڊنگ پلان لاءِ ڪي ضروري گهرجون کٽل هونديون ته ان بابت به مالڪن کي آن لائين ذريعي ئي آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ 20 کان 25 گهڻ ماڙ عمارتون غيرقانوني هئڻ سبب ڊاهي رهيا آهيون ۽ سڄي سنڌ ۾ اهڙين عمارتن جيڪي غيرقانوني يا نقشي ۾ ڏنل اجازت کان وڌيڪ ٺهيل آهن انهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. هن ٻڌايو ته اهڙيون عمارتون هڪ ٻه نه پر هزارين آهن جن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. هن بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي پٽ تي داخل ڪيل ڪيس بابت ڳالهائيندي چيو ته بحريا ٽائون تي اٿارٽي جا ڪروڙين رپيا رهتون آهن. رهتن عيوض انهن اٿارٽي کي چيڪ جاري ڪيا جيڪي 2 کان 3 ڀيرا جمع ڪرائڻ باوجود پاس نه ٿي سگهيا ۽ کين رقم جمع ڪرائڻ لاءِ ليٽر به جاري ڪيا ويا پر انهن ڪا به موٽ نه ڏني جنهن ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. هن مڪاني ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن بابت چيو ته مڪاني ادارن ۾ ڪرپشن ٿيڻ جو اعتراف ڪيان ٿو پر اها ڪرپشن اسان کان اڳ وارن دورن ۾ ٿي آهي. اسان جي ٻن مهينن جي وقت ۾ جيڪڏهن ڪا ڪرپشن ٿي آهي ته ان جا ذميوار اسين آهيون پر هاڻي ڪرپشن کي ٻنجو اچي ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي مک شهرن جا ماسٽر پلان ٺهڻ گهرجن جنهن لاءِ ماسٽر پلان اٿارٽي قائم ٿي چڪي آهي جنهن کي به اهي هدايتون جاري ڪيون آهن ته سڄي سنڌ جي شهرن جا ماسٽر پلان ٺاهيا وڃن. هن چيو ته ڪراچي واٽر بورڊ، ايڇ ڊي اي حيدرآباد ۽ سنڌ جي جن به شهرن ۾ ميونسپل ڪارپوريشنون آهن اتي جي اهڙن خودمختيار ادارن جي بورڊ آف گورننس جا چيئرمين ميئرز هوندا جن جا نوٽيفڪيشن به جاري ٿي چڪا آهن. مڪاني ادارن ۾ الاهي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي پر فنڊن جي کوٽ سبب موجود فنڊن تحت ڪم ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو به مختلف سوالن جا جواب ڏنا.