ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مڪاني کاتي برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ صوبي جي سمورن مڪاني ادارن کي پاڻي جي نيڪال لاءِ  انتظام مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، ڪي ايم سي سميت صوبي جي سمورن مڪاني ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري جنريٽر ۽ پاڻي جي نيڪال واريون مشينون الرٽ رکيون وڃن. جڏهن ته برساتي نالن جي چوڪنگ پوائنٽس کي پڻ ڪليئر ڪيو وڃي، مينهوڳي دوران عملي کي پڻ الرٽ رکيو وڃي. غلفت ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.