حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جو مڪاني کاتو 19هين گريڊ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر علي انور رڪ تي مهربان، هڪ ئي وقت 20هين گريڊ جي 2 ريجنل ڊائريڪٽر جي پوسٽن تي مقرري جا حڪم جاري. رپورٽ موجب سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر علي انور رڪ بابت سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ کيس ريجنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ سکر ڊويزن مان بدلي ڪري ايڊيشنل ڊائريڪٽر هيڊڪوارٽر ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ کيس ريجنل ڊائريڪٽر ڪراچي جي اضافي چارج پڻ ڏني وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب محمد رمضان پٺاڻ کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر هيدڪوارٽر ڪراچي مان بدلي ڪري ايڊيشنل ڊائريڪٽر ٺٽو مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته خليل الرحمان ميمڻ کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر نوشهروفيروز مان بدلي ڪري ايڊيشنل ڊائريڪٽر هيڊڪوارٽر سکر مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب خليل الرحمان ميمڻ کي ريجنل ڊائريڪٽر سکر جي چارج پڻ ڏني وئي آهي.