مڪاني چونڊون ڪنهن جي لاءِ آهن؟

0
73
مڪاني چونڊون ڪنهن جي لاءِ آهن؟

اسان ننڍپڻ کان جمهوريت، جمهور ۽ انساني حقن جي باري ۾ ٻڌندا پيا اچون پر عملي طرح سان اسان کي اڄ به خبر ناهي ته اهي اصل ۾ ڪهڙي بلا جو نالو آهن. هنن جي باري ۾ ٿلهي ليکي جيڪو اسان ڪتابن ۾ پڙهيو يا ٻين جي واتان ٻڌو آهي ته، “جمهوريت، هڪ اهڙي حڪومتي نظام جو نالو آهي جنهن ۾ قانون سازين، پاليسين، قيادتن، رياستي معاهدن، سياسي ضمانتن يا ملڪي ۽ عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي وڏن قدمن کي کڻڻ وارن فيصلن جي پويان سڌي يا اڻسڌي طرح عوام جون خواهشون / مرضيون شامل هونديون آهن. جمهور خوش هوندو ته ملڪ اڳتي وڌندو ۽ وري جيڪا رياست عوامي حقن جي پوري طرح سان پاسداري ڪري ٿي ته ان کي بين الاقوامي طور تي مڃتا ملي ٿي. جمهوريت، جمهور ۽ انساني حقن جي وصف مان اسان کي جيڪا ڄاڻ ملي ٿي اها هي ته “جمهوريت عام طور تي ماڻهن يعني عوامي حڪمراني جو نالو آهي. جڏهن عوامي حڪمراني جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اتي جمهور ۽ انساني حقن جي ضمانت يقيني بڻجي وڃي ٿي. لفظ “ڊيموڪريسي يعني جمهوريت” قديم يوناني لفظ “ڊيموڪريشيا” جي جديد ۽ سڌريل شڪل آهي جيڪا وري ٻين ٻن پراڻن  يوناني لفظن “ڊيموس” يعني عوام ۽ “ڪريٽوس” يعني حڪمراني جو ميلاپ آهي.

هاڻي جيتوڻيڪ سڄي دنيا ۾ جمهوري حڪومتون آهن سواءِ ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ رياستن جي پر هي به حقيقت آهي ته سڀئي حڪومتون پنهنجي ظاهر ۾ ته جمهوري نظر اچي رهيون آهن پر اهي پنهنجي اندر ۾ آمراڻيون حڪومتون آهن. وري جي ترقي پذير ملڪن جي ڳالهه ڪنداسين ته اسان کي اتي ڍينگوئي ڍير نظر ايندو جهڙي طرح پاڻ واري ملڪ ۾. جتي جيڪڏهن صحيح معنى ۾ شهيد ڀٽي جمهوريت جون پاڙون پختيون ڪرڻ شروع ڪيون هيون ته هن جا پنهنجا به مخالف ٿي ويا هئا. ڀٽي صاحب کي مها آمر جنرل ضياالحق ڦاهي تي لٽڪائي ڇڏيو ڇاڪاڻ جو هن جي نظر ۾ اسان وٽ سياسي پارٽيون “نه جمهوري آهن نه عوامي پر اهي پريشر گروپس آهن” جيڪا ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به آهي ۽ اسان پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ هن قسم جا هزارين منظر ڏسي به رهيا آهيون. ناظم جوکيي جو قتل ان سياسي پريشر جو زنده مثال آهي ته ڪيئن هڪ مظلوم عورت پنهنجي مڙس سان ٿيل ناحق تان هٿ کڻي وئي ۽ ڪيئن ساهيوال سانحي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن جي رياست پٺي ٺپي ڇڏي. سو هتي حڪومتون عوامي هجن يا خواصي، جمهوري هجن يا غيرجمهوري هن سان ڪهڙو فرق ٿو پئي جڏهن عوام ٻٽي آزار ۾ ۽ ملڪ قرضن جي ڄار ۾ ڦاسندو پيو وڃي. اسان جڏهن وري مڪاني يا قومي چونڊن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان جمهوري پارٽين جن کي مها آمر پريشر گروپس جو نالو ڏنو هو پنهنجي پوري آب و تاب سان نه صرف موجود آهن پر پنهنجو پورو دٻاءُ برقرار به رکيون ويٺيون آهن.

پاڪستان ۾ قومي چونڊن کانپوءِ جڙندر حڪومتن جي جهڙي قسم جي تاريخ ۽ ڪارگذاري رهي آهي بلڪل ساڳيو ئي حال مڪاني چونڊن بعد مقامي حڪومتن جو به رهيو آهي يعني نه ڪس ڪنوار ۾ نه گهٽ گهوٽ ۾. حقيقت هي آهي ته هر حڪومت چاهي پوءِ اها عوامي هجي يا آمراڻي جمهوريت جمهوريت جو راڳ ته خوب ڳايو آهي پر ملڪي ۽ عوامي حوالي سان ٻنهي جي ڪارڪردگي ۾ ڪوبه فرق نه آهي. هڪڙن واهه جو مال ميڙيو آهي ته ٻين به گهٽ ڪونه ڪئي آهي. نتيجو اسان سڀني جي سامهون آهي. ٻنهي ڌرين جون ملڪيتون، ٺٺ ٺانگر به هاڻي هنن مان تنگ ٿي چڪا آهن پر حِرس ۽ حَوس آهن جيڪي گهٽ ٿيڻ جو نالو نٿا وٺن. اسان جي معاشري ۾ هاڻي اهڙا مثالي ڪردار ورلي ملندا جيڪي پنهنجي هر ڪم کي قانون ۽ اخلاقيات جي دائري ۾ رهي ڪري يا ڪجهه حدون مقرر ڪري سرانجام ڏيندا آهن. ماڻهن جي گهڻائي هاڻي سياست ڪرڻ جي لاءِ موجوده سياسي قيادتن کي، دولت جا انبار گڏ ڪرڻ جي لاءِ بحريا ٽائون جي ٽائيڪون کي ۽ سرڪاري نوڪري کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٺڳي کي مثال بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي جڏهن اسان سياست کي عبادت نه پر پنهنجي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، دولت کي پنهنجي جائز ضرورت نه پر عياشي جو سامان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ سرڪاري نوڪري کي عوامي خدمت نه پر پنهنجي ڪوڙي معتبرائب برقرار رکڻ جو رستو تسليم ڪري ورتو آهي ته پوءِ معاشري ۾ بهتري اچڻ جي اميد پاڻمرادو ختم ٿي وڃي ٿي. ملڪ قرضي بڻجي ويو آهي، عوام مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ وڃي ٿو هيٺ لهندو ۽ ملڪي مامرا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن  سان گڏ ابتر کان ابتر ٿيندا پيا وڃن.

هاڻي جڏهن مڪاني چونڊن جا چوٻول آهن ۽ جتي اقتداري اڪابر پنهنجي معمول جي اميدن ۽ تجربن سان گڏ ميدان تي لٿل آهن اتي ٻين سياسي، سماجي ڌرين سان گڏ آزاد اميدوارن جي گهڻائي به مقابلي لاءِ سندرا ٻڌي رهي آهي. پر خبرون جيڪي اچن ۽ ٻڌجن پيون ته اقتداري اڪابر پنهنجي پنهنجي پسند ۽ منظورِ نظر اميدوارن کي کٽائڻ جي لاءِ پنهنجي اثر رسوخ کي استعمال ڪندي مخالفن جي خلاف ايف آئي آرز ڪٽائڻ سان گڏ انهن کي هٿ کڻائڻ جي لاءِ طرحين طرحين جون لالچون ۽ داٻا ڏيڻ، نوڪرين جا وعدا ڪرڻ ۽ جيڪڏهن ڪو هنن جي سانچي ۾ نٿو اچي ته ان کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ کان به ڪونه مڙي رهيا آهن. ڪيترائي اميدوار جن ۾ مرد عورت ٻئي شامل آهن اقتداري ڌرين جي دٻاءُ ۾ اچي سندن پاران بيهاريل اميدوارن جي حقن ۾ هٿ کڻي ميدان کان ٻاهر نڪري ويا آهن. چونڊن وارو ماحول ٻاڙائي جو شڪار ٿي چڪو آهي. اميدوار ۽ ماڻهو بي دليا ٿي مهمون هلائي رهيا آهن.

شهرن ۾ اڃان ان قسم جي پوسٽرن جي نمائش عام نه ٿي آهي جن تي لکيل هوندو آهي ته، “توهان جي ووٽ جو صحيح حقدار سردار ……….. خان آهي”، “پنهنجي قيمتي ووٽ کي ضايع ٿيڻ کان بچايو”، “…………… جي نشان تي ٺپو هڻي پنهنجي علائقي جي بهادر ۽ عوام جي سچي خادم ………….. کي ڪامياب ڪيو” وغيره.  غريب عوام هر قسم جي حڪومت کي ڏسي چڪو آهي هر مصيبت کي سهي چڪو آهي هر مسئلي کي منهن ڏئي چڪو آهي ۽ شايد اهوئي سبب آهي جو هاڻي ڪابه پارٽي مهانگائي يا حڪومتي پاليسين خلاف جڏهن سڏ ڏئي ٿي ته سواءِ ان پارٽي جي ڪارڪنن ۽ قيادت جي عام عوام رستن تي ڪونه ٿو نڪري. عوام ته ڀلي ڀت سمجهي چڪو آهي ته هر پارٽي کي صرف پنهنجي پنهنجي پيٽ جو سور آهي هر پارٽي هر اهو ليڪو لتاڙڻ چاهي ٿي جيڪو ان کي اخلاق ۽ قانون جي دائري ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. معاملا ايترا ته بگڙجي ويا آهن جو هاڻي انهن کي سنڀالڻ جي لاءِ ڪير به اڳتي نٿو اچي. جيڪي اڳتي اچن ٿا اهي گذريل حڪومتن جي خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ جا پٽڪا پِٽيندي وقت گذارو ڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجي پارٽين ۽ خاندانن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳي وڃن ٿا. هنن جي نظر ۾ جمهوري ۽ آئيني حڪومتون صرف سندن ئي آهن باقي سڀ جون سڀ حڪومتون غيرجمهوري، غير آئيني ۽ آمراڻيون حڪومتون آهن. ٻئي طرف جڏهن اسان لفظ جمهوريت، جمهور يا حڪمراني جي معنائن کي ڏسئون ٿا ته اهي حڪومتون اسان کي ڪتابن ۾ ته ملي سگهن ٿيون پر حقيقي طور تي انهن جو ڪو وجود ئي ڪونهي ڪو پوءِ چونڊون ڀلي قومي ٿين ۽ نالي ماتر قومي حڪومتون جڙن يا مڪاني  ٿين ۽ نظر نه ايندڙ مقامي حڪومتون ٺهن عوام جي زندگين ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نٿي اچي.