ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو  آهي ته افواهه پکيڙيا پيا وڃن ته مڪاني چونڊون  ملتوي ٿي ويون آهن، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، مڪاني چونڊون وقت تي ٿينديون، ماڻهن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، سنڌ اسمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ بجيٽ تي تنقيد ڪندڙن کي ٺوس جواب ڏينداسين، اسان تي تنقيد ڪندڙ ٻڌائين ته انهن جي دور حڪومت ۾ سنڌ سان ڪهڙيون ناانصافيون نه ڪيو ن ويون؟ عمران خان وارا آرڊيننسن ذريعي حڪومت هلائي رهيا هئا، سندن دور ۾ مخالفن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون وينديون هيون، هن چيو ته عمران خان کي ھاڻي نيوٽرل ادارا پسند ناھن ، هن چيو ته عمران دور ۾ بني گالا ۽ لاھور سسٽم ھلندو ھو، هن چيو ته فر ح گو گي  ڏيهه موٽي  الزامن کان پاڻ کي آجو ڪرائي