مڪاني چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج، علي گوهر مهر جا سنگين الزام

0
104
علي گوهر مهر جا سنگين الزام
مڪاني چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج، علي گوهر مهر جا سنگين الزام

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي دوران مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي

 گهوٽڪي ۾ مڪاني چونڊن دوران مبينا ڌانڌلي خلاف جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر مهر جي اڳواڻي ۾ ڊي آر او آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو

جي ڊي اي اڳواڻن طرفان چونڊ نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪري سيٽون گهٽائڻ جا الزام هنيا آهن

علي گوهر مهر الزام هنيو ته گهوٽڪي مان سموريون يوسيز کٽڻ کانپوءِ اسان جا نتيجا تبديل ڪيا پيا وڃن، شارٽ نوٽيس تي احتجاج ڪيو اٿئون، ازالو نه ٿيو ته سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين:

علي گوهر مهر ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي بيوروڪريسي حڪومت جي ڪمدار بڻيل آهي، ايم پي اي جي هڪ فون ڪال تي ڊي سيز ڊوڙندا پهچي وڃن ٿا، ماضيءَ ۾ ڪامورا غير قانوني حڪمن خلاف مزاحمت ڪندا هئا، مارشل لا جي دور ۾ به مخالفن جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو ويندو هو

مٺي ۾ پي ٽي آءِ ۽ آزاد اُميدوار پنهنجي حامين سان گڏ رستن تي نڪري آيا، شهر جي مختلف علائقن ۾ ريلي بعد ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو

ٿرپارڪر جي تڪراري پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊون نه ڪرائڻ جي صورت ۾ سموري ٿر اندر احتجاجن جو چتاءُ ڏنو ويو آهي