ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ايندڙ ٽن مهينن تائين ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن لاءِ پوليس جي فراهمي کان معذرت ڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت پاران اليڪشن ڪميشن جي لکيل خط جي جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران مڪاني چونڊن بابت لکيل خط جي جواب ۾ گهرو کاتي کان گهرايل رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال  ڪري گهٽ ۾ گهٽ ٽن مهينن تائين پوليس اتي مقرر ٿيل آهي، سنڌ جي آءِ جي پاران ڪراچي ۾ پوليس جي کوٽ بابت اڳ ۾ ٻڌايو ويو هو ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن تي گهٽ ۾ گهٽ 4 کان 8 پوليس اهلڪار مقرر ٿيندا آهن، ٻوڏ صورتحال  ڪري سنڌ جي ٻين ضلعن جا اهلڪار اتي مصروف آهن، ٻئي طرف وفاقي حڪومت جي چوڻ تي 5 هزار اهلڪار اڳ ئي ۾ اسلام آباد ويل آهن، ڪجهه  پوليس ٻارن لاءِ هلندڙ ڪورونا ويڪسين مهم ۾  به مصروف آهي، عالمي ڊفينس نمائش ۽ سيمينار لاءِ به پوليس مقرر ٿيندي، جتي پرڏيهي وفد شريڪ ٿيندا آهن، انهي ڪري سنڌ پوليس صاف ۽ شفاف اليڪشن لاءِ ڪردار ادا نه ڪري سگهندي.