مڪاني چونڊن جو دنگل: ڪراچي ۾ سرگرميون، اميدوارن منجهيل

0
313
مڪاني چونڊن جو دنگل:

ڪراچي: ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سرگرميون جاري آهن، سنڌ حڪومت جي چونڊون ملتوي ڪرڻ واري گذارش بعد اميدوار ٻڏتر جو شڪار آهن، اليڪشن ڪميشن موجب، ڪراچي ڊويزن ۾ 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون ٿيڻيون آهن

ملير، گلشن اقبال، گلشن حديد، صدر ۽ ٻين علائقن ۾ يوسي سطح تي گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته اميدوارن ورڪ به شروع ڪري ڇڏي آهي

ملير جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ ايم پي اي هائوس تي پ پ اڳواڻ جان عالم ڄاموٽ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني چونڊن جي تيارين جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو

اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، حيدر علي ڄاموٽ، قيصر بلوچ، رفيق الحسيني، اسماعيل چارڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي

ھي به پڙھندا

اليڪشن ڪميشن عمران خان کي اڄ ڪراچي واري جلسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو