اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي قانون بابت ڪاميٽي ميمبرن جي غير حاضري تي سندن ترميمي بل رد ڪرڻ جي سفارش قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ڪالھه قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ بلوچستان ۾ تازن دهشتگرد حملن، خضدار اسڪول بس واقعي جي مذمت ڪئي وئي. اسد قيصر جي آئين جي آرٽيڪل 175-A ۽ 215) ۾ ترميم جي بل ۽ عامر جيوا جي آئين جي آرٽيڪل 59) ۽ آرٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ ترميم جي بلن تي غور ڪيو ويو، بل پيش ڪندڙ جي غيرحاضري سبب بل اسيمبلي ۾ منظور نه ڪرڻ جي سفارش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ آئين جي آرٽيڪل 140-A ۾ جاويد حنيف جي ترميمي بل تي بل غور ڪيو ويو. جاويد حنيف جو چوڻ هيو ته 18 هين ترميم جو مقصد اختيارين جي هيٺين سطح تي منتقلي هو پر مڪاني حڪومتن ۾ ايئن ناهي ٿي سگهيو، ميمبرن اصولي طور تي بل جي حمايت ڪئي، انهن اتفاق ڪيو ته ان جي ڪاميابي سياسي پارٽين جي حمايت سان ئي ٿي سگهي ٿي ان ڪري انهن پارٽين جي سياسي اڳواڻن سان مشاورت ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پي ٽي آءِ ميمبر علي محمد خان چيو ته ارڙهين ترميم جو مقصد سٺو هيو مقصد اهو هيو ته اسلام آباد کان اختيار واپس وٺي عوام کي ڏنا وڃن پر صوبن اختيار بلدياتي ادارن کي منتقل نه ڪيا. اسان کي بلدياتي نظام کي مضبوط بنائڻو پوندو، 15 سال ٿي ويا آهن ڏسڻو پوندو ته اختيار عوام کي منتقل ڇو نه ٿيا آهن.