حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مڪاني کاتي ۽ ٽائون اينڊ پلاننگ جي نگران صوبائي وزير محمد مبين جماڻي چيو آهي ته ميونسپل ڪارپوريشنز، ٽائونز ۽ يوسيز کي حاصل ٿيندڙ آمدني ملازمن جي پگهارن تي خرچ ڪئي ويندي. گوسڙو ملازمن جي خاتمي لاءِ نادرا جي مدد سان ڇنڊ ڇاڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. حيدرآباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽريز پاران حيدرآباد ڪلب ۾ منعقد گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي نگران صوبائي وزير چيو ته مڪاني کاتي جي ملازمن کي اڪائونٽس کولرائي سندن پگهارون سڌي ريت ادا ڪيون وينديون جڏهن ته ملازمن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ بائيوميٽرڪ سسٽم شروع ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گوسڙو ملازم ڪهڙا آهن ۽ ڪير ڪيترو ڪم ڪري ٿو ان بابت سموري ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي. محمد مبين جماڻي چيو ته حيدرآباد ۾ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ جي ڪم ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ هو شهر جو دورو ڪندو ۽ عوام جي ڀلائي وارن ڪمن جي حل لاءِ جيڪڏهن کيس ذاتي اثر رسوخ استعمال ڪرڻو پيو ته هو ان حوالي سان به قدم کڻي معاملن جي حل کي ترجيح ڏيندو.