ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه مڪاني ادارن، ورڪس ۽ توانائي کاتن جي پرڏيهي امداد وارن منصوبن تي  ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ ۽ شفافيت کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي ٽنهي کاتن جي سيڪريٽرين کان ھفتيوار اڳڀرائي رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن، ساڳئي وقت وزيراعليٰ ٽنهي کاتن جي وزيرن کي ڪراچي جي تبديلي ۽ ڳوٺاڻي ترقي تي ڌيان ڏئي منصوبن جي ذاتي طور نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪالهه وزيراعليٰ جي صدارت هيٺ  ٿيل اجلاس کي ٻڌايو ويو ته  ڪراچي جي ترقي وارو ڪلڪ منصوبو 62.316 ارب رپين جو هڪ فليگ شپ پراجيڪٽ آهي، جنهن جا 24.294 ارب جاري ٿي چڪا آهن، جن مان ن 14.3 ارب خرچ ٿي چڪا آهن. وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته هو ذاتي طور تي ڪلڪ منصوبن جي نگراني ڪري، اجلاس کي  ٻڌايو ويو ته گهر گهر پراپرٽي ٽيڪس سروي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، قانوني رڪاوٽن سبب انهي جي رول آئوٽ ۾ دير ٿي آهي،  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ تبديل ٿي رهي آهي. شرافي ڳوٺ، ڊنگا موڙ، گٽر باغيچا ۽ ڄام چاڪرو جي لينڊ فل سائيٽ تي ڪچرو پهچائڻ جا ٺيڪا چيني ڪمپنين کي ڏنا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ هيٺ 27.4 ارب رپين جي سولر پارڪ جي شروعات ڪئي پئي وڃي، توانائي واري  وزير ناصر شاهه تصديق ڪئي ته رٿا لاءِ خريداري جو عمل جاري آهي، اجلاس کي ٻڌايو يو ته آبپاشي ۽ زراعت جي تبديلي وارو 70.4 ارب رپين جو سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن  منصوبو زراعت ۾ انقلاب آڻي رهيو آهي. وڏي وزير  چيو ته پرڏيهي امداد وارن منصوبن کي معياري سان گڏ وقت سر مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻائينداسين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ جي 48.4 اربن  جي ايمرجنسي فلڊ رليف پراجيڪٽ هيٺ سڄي سنڌ ۾ 40 روڊ تعمير هيٺ آهن. جنهن تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت انهي منصوبي لاءِ 4.4 ارب ڊالر جو حصو ڏنو آهي، وڏي وزير  لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته 2025ع تائين سمورن روڊن جي اڏاوت کي يقيني بڻايو وڃي.