مکڻ جو سياسي سماجي ۽ ادبي ڪارج

0
33
مکڻ جو سياسي سماجي ۽ ادبي ڪارج

 هڪ شاعر جو سوال … “جيڪي ماڻهو ٻاروتڻ کان سڌا پيرسنيءَ ۾ هليا ويندا آهن، انهن جي جواني ڪير جيئندو آهي؟” ….. پر جيڪي ماڻهو پنهنجي ڀرپور جواني جيئندا آهن، انهن کي ئي خبر آهي ته جوانيءَ جي ٻُورَ جو هڳاءُ، نِج ۽ نِبار سچي گِيهه جهڙو آهي. گِيهه جو ’ماخذ‘ مَکڻ آهي. مکڻ مان ئي گِيهه نڪرندو آهي. مکڻ کانسواءِ گِيهه جو تصور اجايو آهي. مکڻ جو بُنياد مکڻ تائين ئي رکنداسين، مکڻ کان اڳتي نه وڌنداسين، نه ته مکڻ جو ماخذ ڳوليندي ڳوليندي کير جي سرچشمن تائين وڃي پهچنداسين. ان ڪري اچو ته فرض ڪريون ته، مکڻ جو ماخذ به مکڻ ئي آهي. مکڻ کائبو به آهي، مکڻ هڻبو به آهي.

مکڻ لڳائڻ هڪ اصطلاح آهي. مکڻ کائڻ لاءِ ڏند ضروري ناهن. مکڻ جا مُنڪر ماڻهو صحت لاءِ سِڪندا آهن. چوندا آهن ته، مکڻ مُحبت جي فروغ لاءِ اثرائتو اسم آهي. مکڻ لڳائڻ آرٽ به آهي ته سائنس به! مُني به مکڻ کائڻ جي ڪري بدنام ٿي هُئي. ماڻهو ته مکڻ کائيندا ئي آهن پر اُٺَ به مکڻ کائيندا آهن. قديم زماني ۾ ڏاچيءَ جو کِير ولوڙيندا ڪونه هُئا، تڏهن اها ڳالهه عقيدي وانگر هُئي ته، ڏاچيءَ جو کِير ولوڙبو ته وڳ ختم ٿي ويندو پر اها ڳالهه قديم زماني جي اُٺَن ۽ ڏاچين لاءِ هُئي. تڏهن اُٺَ پَرائو مکڻ کائيندا هُئا. ڪڏهن توهان اُٺَ کي مکڻ کائيندي ڏسو ته اُن جي چپڙن جي چُرپُر تي ٻه اکر ضرور لکجو.

اُٺ مکڻ کي واتَ ۾ وِلوڙيندو آهي. مکڻ جي اوڳر ناهي ٿيندي. چون ٿا ته مومل طرفان مينڌري جي مَيي لاءِ موڪليل مکڻ رستي ۾ ئي نڀاڳي ناتر کائي ويندي هُئي. سنڌي ماڻهو پنهنجي مزاج ۽ نفسيات ۾ وڏا ’ڊپلوميٽڪ‘ رهيا آهن، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾  ذو معنيٰ لفظن جو استعمال گهڻو ٿيندو اچي. ڪنهن جي لاءِ پيرَ ٻَڌي حتمي راءِ ڏيڻ بدران چيو ويندو آهي ته، “فلاڻو ماڻهو صفا انگريز آهي….” هاڻي توهان جي مرضي، توهان ’انگريز‘ جو، هاڪاري يا ناڪاري، ڪهڙو به مطلب ڪڍو! توهان سوچيندا هُوندا ته انگريزن جي ننڍي کنڊ ۾ آمد کان اڳ ۾ سنڌي ماڻهو اهڙو اظهار ڪهڙي ريت ڪندا هوندا؟ ياد رهي ته تڏهن ماڻهو چوندا هُئا، “ماڻهو ته صفا مکڻ آهي”، مطلب ته ماڻهو مکڻ جو سهارو وٺي ڊپلوميٽڪ اظهار ڪندا هُئا. شاعرن ۽ مکڻ ۾ هڪجهڙائي اها آهي ته، مکڻ ۽ تخليق لاءِ ولوڙ ضروري آهي. مکڻ سياست ۾ به هوندو آهي.  مفادن جو مکڻ نڪرڻ کانپوءِ سياست جي جَهڻ پئي جُهڳبي آهي.

اها ساڳي صورتحال ادبي ميلن سان پڻ آهي، جتي مفادن جو مکڻ ڪڍڻ بعد ادب جي جَهڻ پئي جهُڳبي آهي. اڳي مکڻ گڏ ڪيو ويندو هو ۽ ميلن ۾ وڃي وڪرو ڪيو ويندو هو پر هاڻي پهرين مکڻ جو ملهه ڳنهبو، پوءِ ميلا ٿيندا. مکڻ جو وکر ته سوشل ميڊيا تي به گهڻو وڪرو ٿئي ٿو. دُنيا ۾ دانشورن جي وصف ڀلي ڌار هجي، پر اسان وٽ هر اهو ماڻهو دانشور آهي، جنهن جو سوشل ميڊيا تي اڪائونٽ آهي. سنڌ ۾ خواندگيءَ جي شرح ڀلي ڪهڙي به هُجي پر سوشل ميڊيا تي هر ڪو گهٽ ۾ گهٽ به يونيورسٽي گريجوئيٽ ڄاڻايل آهي. گهڻا گريجوئيٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جا آهن. سنڌ يونيورسٽي انهن کان قانوني طرح تصديق لاءِ اهي سرٽيفڪيٽ طلب ڪري ته سڄي دانش مان ور نڪري ويندو. دانشورن جي مزاج ۽ مکڻ ۾ هڪجهڙائي اها آهي جو ٻئي ٿورڙي گرميءَ تي ڳرڻ لڳندا آهن.

ها، ڳالهه پئي ڪئيسين مکڻ جي! مکڻ سنڌ ۾ ماڻهن جو مرغوب اسم آهي. سنڌ ۾ ملان مکڻ جي نالي سان هڪ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي. جيئن مکڻ جو ٺوڙهه سان ٺاهوڪو تعلق آهي، تيئن مکڻ جو ماکيءَ سان پڻ گهرو تعلق آهي. اهڙو ئي تعلق سيالڪوٽي ڌوتي ۽ خواجه سعد رفيق جي ٽريڪٽر ٽراليءَ ۾ پڻ آهي. ٻئي گڏجن ته حُسن جي تعريف ئي تبديل ڪريو ڇڏين. چوندا آهن ته گِيهه سڌي آڱر سان ڪونه نڪرندو آهي پر سِڌي آڱر سان ته مکڻ به ڪونه نڪرندو آهي. ماڻهو پنهنجي ئي مکڻ ۾ پاڻ ترڪندا آهن.

ٿي سگهي ٿو ته توهان کي اها خبر نه هجي، ان ڪري ٻُڌائيندو هلان ته، مکڻ کي انگريزيءَ ۾ بَٽر چوندا آهن ۽ اسين سنڌي وري انگريزياڻين کي ’مکڻ‘ چوندا آهيون. اسان سنڌي ماڻهو اهو به سمجهندا آهيون ته، انگريزي مکڻ کي رُڳو پيار جي سنڌي اظهار واري سيڪ جي ضرورت آهي. سيڪ آيو، ڳرڻ شروع… پر اها اجائي خوش فهمي آهي. ٻهراڙين مان مُڙس ماڻهو ماکي ۽ مکڻ کائي، هَٿَ مُڇن سان صاف ڪندا آهن. اسان کي وري ڪهڙو اعتراض! مُڇون به ته اُنهن جون پنهنجون آهن. سنڌ ۾ مکڻ جون ماڙيون اڏڻ به هڪ اصطلاح آهي.

سوميلئي Sommelier جو ڊپلوما دُنيا جو انتهائي ڏُکيو امتحان سمجهيو وڃي ٿو. گذريل 40 سالن ۾ صرف 229 اميدوار اهو امتحان پاس ڪري سگهيا آهن. Sommelier ۾ R ساڪن آهي، اهڙيءَ ريت هِي امتحان به مدهوشيءَ جو، يعني شراب جي ماهر جو ڊپلوما آهي. ان امتحان جي آخري مرحلي ۾ اُميدوار جي اکين تي پٽي ٻڌي ان کي ڪو شراب چکڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي ۽ پوءِ ان کان پُڇيو ويندو آهي ته، اهو شراب ڪهڙو آهي؟ ڪٿي جو آهي ۽ ڪيترو پُراڻو آهي؟ اسان سنڌي ماڻهو مکڻ ۾ ملاوٽ جا ايترا ته ماهر آهيون، جو مکڻ شناسيءَ جي ڪنهن منفرد ۽ مشڪل ڊپلوما جي امتحان ۾ مکڻ جي نِج ۽ نِبار هُجڻ جي پرک ڪندڙ ماهرن کان اگر پُڇيو وڃي ته مکڻ ۾ ڪيترو بناسپتي گِيهه ۽ ڌونئرو شامل آهي؟ ملائيءَ جو ڪيترو مقدار شامل ٿيل آهي؟ مکڻ ماهو آهي يا ڳائو؟ ولوڙيندڙ هٿ جوان آهن يا……؟ اها ولوڙ ڪيتري ريڪٽر اسڪيل تي آهي؟ ته اهي ٻُڌائي نه سگهندا. سوميلئي جي ڊپلوما امتحان ۾ ته وري به سڄي دُنيا ۾ سالَ ۾ سراسري طرح 5 کان 6 اُميدوار پاس ٿين ٿا پر سنڌي مکڻ جي نِج ۽ نِبار هُجڻ جي چڪاس واري عالمي امتحان ۾ شايد هڪ اميدوار به پاس نه ٿئي!

مکڻ جي ڪابه جاگرافي نه آھي، جو اھو سيڪ سھي نه سگھندو آھي، البته مکڻ جي تاريخ ضرور آھي. غذا جي تاريخ بابت اسٽوريز سبب مشھور ليکڪا Elaine Khosrova مکڻ تي سڄو سارو ڪتاب Butter: A Rich History  لکي ڇڏيو. مکڻ جي تاريخ 9 ھزار کان 10 ھزار سال پراڻي آھي. جيئن ته هر جنم ڪنهن نه ڪنهن ’حادثي‘ مان ٿيندو آهي، اهڙي ريت مکڻ جو جنم به حادثاتي آهي. جڏھن ناھموار رستن تي ھڪ جانور جي پُٺن تي لڏيل ٿانوَن ۾ ٿڌو کير جھڳجڻ جي نتيجي ۾ مکڻ ٺھيو ته، ان نتيجي مالوندن کي حيران ڪري ڇڏيو. قديم زماني ۾ چرخيءَ ذريعي کير ولوڙي مکڻ حاصل ڪيو ويندو ھو، اھي چرخيون ڪتا ھلائيندا ھئا. مطلب ته ڪتا مکڻ جا اوائلي مشيني مينوفيڪچرر ھئا.

جڏھن مکڻ جي طلب وڌي ته ان جي کوٽ پيدا ٿي ۽ ان کوٽ کي مارجرين ذريعي پورو ڪيو ويو. مارجرين کي مکڻ جي متبادل طور آندو ويو. (مارجرين ۽ مهاجرين ۾ ڪو گهڻو فرق نه آهي) مارجرين جي ايجاد نيپولين جي دور ۾ ٿي. نيپولين جي محبوبا جوزيفائين کي به مکڻ جي متبادل موهي وڌو. ٿيو ائين ته Prussia جي جنگ دوران مکڻ جي شديد کوٽ پيدا ٿي ۽ نيپولين 1869ع ۾ سپاھين جي مکڻ جي غذائي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ مکڻ جي سستي متبادل جي تياريءَ تي انعام جو اعلان ڪيو. ڪيميادان Hippolyte Mege-Mouries  اھو چئلينج قبول ڪندي وڏي گوشت جي چرٻي، کير ۽ لوڻ جي ميلاپ سان پھريون ڀيرو مارجرين تيار ڪئي، پوءِ بيف جي چرٻيءَ بدران ڀاڄين جو تيل Vegetable Oil استعمال ڪيو ويو.

حنوط ڪرڻ (مميفڪيشن) ۾ مکڻ جو اھم ڪردار آھي. مصري ماڻهو، مکڻ جو مميفڪيشن لاءِ استعمال ڪندا ھئا. مصرين وٽ موت کانپوءِ واري زندگيءَ ۾ مکڻ جي تمام وڏي اھميت ھئي. مکڻ جي استعمال کي ڌڪ رسائڻ لاءِ اھا پروپيگنڊا ڪئي وئي ته مکڻ ڪوليسٽرول وڌائي ٿو. ھڪ پراڻي سروي موجب دنيا ۾ 1920ع واري ڏھاڪي ۾ في ماڻھو سترنھن پائونڊ مکڻ استعمال ڪندو ھو. پر پوءِ ان ئي صديءَ جي آخر ۾ في ماڻھو مکڻ جو استعمال ساڍا چار پائونڊ ٿي ويو. هڪ تحقيق اهو پڻ ٻڌائي ٿي ته دنيا ۾ سڀ کان گهڻو مکڻ قبرص جا ماڻهو استعمال ڪن ٿا. سروي ۾ البته اهو واضح نه آهي ته اتي ڪيترو مکڻ کاڌو ۽ ڪيترو لڳايو وڃي ٿو!

[email protected]