ڪڪڙ(ن پ ا) ڪڪڙ جي ڳوٺ وسائي واسڻ ناري مرڪ زال محمد علي سپريو والد مجيد سپريو سان گڏ پريس ڪلب پھچي مڙس ۽ سھري جي مبينا ناجائزين زيادتين خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته 10 مھينا اڳ نوجوان محمد علي سپريو سان سان شادي ڪئي. بعد ۾ 2 مھينا اڳ گھرو اڻبڻت تان مڙس ۽ سھري ارباب سپريو سان گڏجي مونکي گھر ۾ سخت تشدد ڪرڻ بعد سولر بيٽري جو پاڻي زبردستي پيارڻ بعد مون کي مرڻينگ حالت ۾ ڦٽو ڪري ويا، جنھن ڪري منھنجي حالت خراب ٿي پئي منھنجي والدين اچي منھنجو مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪرايو آھي پر صحت ٺيڪ نه ٿي آھي ھاڻي ڊاڪٽر ڪراچي ۾ علاج لاءِ چون ٿا غربت سبب علاج جي سگھ نه ھئڻ ڪري علاج نٿي ڪرائي سگھان اسين مڙس ۽ سندس سھري مٿان عدالت سڳوري جي حڪم موجب ڪڪڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد ھو ويري بڻجي ويا آھن. مونکي مڙس زبردستي گھران ڪڍي ڇڏيو آھي، جنھن سبب مان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيان. مون سميت والدين کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪيو پيو وڃي. اسان کي انھن مان جان مال جو خطرو آھي مخالف ڌر ۽ ڪڪڙ پوليس ملي ڀڳت ڪري داخل ڪيس خارج ڪرڻ جون سازشون ڪيو پيو وڃن مان وس وارن کان مطالبو ڪيان ٿي ته مون غريب مسڪين سان انصاف فراھم ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن مان مري وڃا ته ان جو ڪيس مڙس ۽ سهري تي داخل ڪيو وڃي.