ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ٿيٽ ر ۽ ڊرامن جي اداڪارا روبي انعم انڪشاف ڪيو آهي ته سندس مڙس کي شادي کان اڳ سندس سمورن رومانوي لاڳاپن جي خبر هئي. روبي انعم ويجهڙ ۾ هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران هن پنهنجي ذاتي، ازدواجي زندگيءَ سميت ڪيريئر بابت تفصيلي ويچار ونڊيا. ڪيريئر جي شروعات بابت روبي انعم ٻڌايو ته نائين جماعت دوران ٿيٽر کان فني سفر شروع ڪيو، شروع ۾ ماءُ سميت گهر وارن ٿيٽر ۾ اداڪاريءَ جي مخالفت ڪئي پر پيءُ ساٿ ڏنو، جڏهن ته هاڻي ساهرن کي ٿيٽر پسند ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ روبي انعم چيو ته ” پهريان مان ڇوڪرن وانگر هيس، مون کي هر ٻئي ماڻهوءَ سان پيار ٿي ويندو هو، هر محبت شدت سان ڪئي ۽ هر واري اِهو سوچيندي هيس ته جيڪڏهن اِهو شخص نه مليو ته مري وينديس. سندس چوڻ هو ته ” شادي کان اڳ سڀني محبتن، دوستين ۽ افيئرز بابت مڙس کي ڄاڻ هئي، مون کائنس ڪجهه ناهي لڪايو، اداڪارا چيو ته شادي دير سان ڪئي ۽ هڪ ئي ڪئي ڇو ته هوءَ شاديءَ جي حق ۾ نه هئي، پر پيءُ جي وفات کانپوءِ ماءُ شاديءَ لاءِ مجبور ڪيو تنهنڪري ” ها“ ڪرڻي پئي.

 

 

هن چيو ته ”مان جنهن سان شادي ڪرڻ چاهي اُهو همراهه ان وقت شادي ڪري چڪو هو ۽ امان ڪنهن شادي شده سان منهنجي شادي لاءِ راضي نه ٿي.“ اداڪارا وڌيڪ چيو ته سندس شادي ارينج ميرج هئي، مڙس ڪشميري آهي، شاديءَ کي سترنهن سال گذري چڪا آهن، مڙس کي فيشن ڪرڻ سيکاريو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهيو.