لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز جي مشهور اداڪاره نشو بيگم انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ۽ سندس ڌيءُ صاحبه وچ ۾ لاڳاپا درست نه آهن جنهن جو سبب صاحبه جو والد ۽ سندس اڳوڻو مڙس آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته منهنجي پهرين شادي جو فيصلو تمام غلط هو جنهن جو احساس هاڻ ٿو ٿئي. هن چيو ته فلمي ڪيريئر جي ابتدائي پنجن سالن ۾ ئي شادي ڪئي هئي اهو غلط فيصلو هو پهرين شادي مون کان سڀ ڪجهه کسي ورتو. گاڏيون، گهر، زيور ۽ بي ملڪيت به کسي ورتي. هن چيو مال ملڪيت کسجڻ جو ڪو افسوس نه آهي پهرين شادي مان هڪ قيمتي شي ڌيءُ بچي آهي جيڪا ان وقت پيٽ ۾ هئي پر هاڻ ڪيترن ئي سالن کانپوءِ اهڙو ڌاڙو لڳو آهي جو سڀ ڪجهه کسجي ويو آهي. اڳوڻي مڙس جي ڪري 8 مهينن کان ڌيءُ سان نه ملي سگهي آهيان. هن روئڻهارڪو ٿيندي چيو ته لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن جيرو ڪڍي ورتو هجي. خبر ناهي ته ڌيءُ مون سان ڇو نه پئي ملي.