لاهور (شوبز نيوز) غنيٰ علي پنهنجي چمڙي ۽ گهٽ عمر ۾ ٿيل شادي بابت خيال جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شوبز سان لاڳاپيل ماڻهن کي شادي کان پوءِ هڪ قسم جو تحفظ ملي ٿو. مشهور پاڪستاني اداڪارا غنيٰ علي، جيڪا پنهنجي جاندار ۽ منفي ڪردارن جي ڪري سڃاتي وڃي ٿي، تازو هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي شادي ۽ ذاتي زندگي بابت ڪيترائي اهم انڪشاف ڪيا. شادي جي سبب ۽ وقت بابت ڳالهائيندي غنيٰ علي ٻڌايو ته “مان الله جي شڪرگذار آهيان جو مون کي وقت تي سٺو زندگي جو ساٿي مليو. مان جڏهن 26 ورهين جي ٿيس ته پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳس، پوءِ مان ساٿي لاءِ دعا گهرڻ شروع ڪئي. بار بار دعا ڪرڻ بعد الله منهنجي ڳالهه ٻڌي، ۽ مون کي اهو شخص عطا ڪيو جنهن سان مان خوشي سان پنهنجو گهر گذاري رهي آهيان.” اداڪارا چيو ته “شادي کان پوءِ انسان کي هڪ قسم جو تحفظ ملي ٿو، خاص ڪري شوبز انڊسٽري ۾، جتي ماڻهو توهانکي وڌيڪ عزت سان ڏسن ٿا. غنيٰ علي ٻڌايو ته “منهنجو مڙس سدائين مون کي سمجهائيندو آهي ته جيڪڏهن عورت پاڻ کي محدود رکي، حدن جو خيال رکي، ته ماڻهو به ان جي عزت ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ضرورت کان وڌيڪ کلي ڳالهائي يا هر ڪنهن سان مذاق ڪري، ته پوءِ هوءَ پنهنجو وقار وڃائي ويهي ٿي.” اداڪارا وڌيڪ چيو ته “مون کي لڳي ٿو ته عورت کي پنهنجي عزت پاڻ ٺاهڻي پوي ٿي. هر تقريب يا مهماني ۾ وڃڻ ضروري ناهي ۽ نه ئي هر وقت سڀني لاءِ موجود هجڻ مناسب آهي. اخلاق ۽ وقار هر عورت جي سڃاڻپ هئڻ گهرجي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستاني معاشري ۾ عورت چاهي يا نه چاهي انکي مڙس جي ضرورت پوي ٿي.