ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اغوا بعد پنجاب جي نوجوان سان شادي ڪندڙ شاگردياڻي نمرہ ڪاظمي 13 مهينن کانپوءِ مڙس تي تشدد جا الزام هڻي  خلع لاءِ  درخواست داخل ڪرائي ڇڏي،  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر وٽ داخل پٽيشن ۾ هن  موقف اختيار ڪيو آهي ته  نجيب شاهه مون کي بنا ڪنهن سبب جي تشدد جو نشانو بڻائي ٿو، طئه ڪيل 50 هزار رپيا حق مهر اڃا تائين ادا ناهي ڪيو آئون هاڻ نجيب شاهه سان نه پر والدين سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي، واضح رهي ته ڪراچي سان تعلق رکندڙ نمرا ڪاظمي لاپتا ٿي وئي هئي،  بعد ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته هن پنجاب جي شهر تونسا شريف سان تعلق رکندڙ نوجوان نجيب شاهه سان ڊيرا غازي خان ۾ شادي ڪئي آهي، 9 مهينا اڳ عدالت نمرا ڪاظمي کي والدين سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني هئي پر نمرا والدين بجاءِ مڙس سان گڏ رهڻ کي اهميت ڏني، 13 مهينن کانپوءِ مامرو طلاق  تي پهچي ويو آهي