لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي اولڊ بس اسٽينڊ واري علائقي جي رهواسڻ شبيران مڱڻهارصحافين آڏو دانهيندي چيو ته جاويد سمون مان ٻن پٽن 5 ورهين جي شاهزيب ۽ 8 مهينن جي جواد جي اولاد آهي.هن الزام لڳايو ته مڙس جا غير عورتن سان ناجائز لاڳاپا آهن،انهن سان فون تي ڳالهائيندو آهي.منع ڪرڻ تي تشدد  جو نشانو بڻائي ٿو، سول لائين پوليس کي شڪايت ڪئي.هينئر مڙس طلاق ۽ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.طلاق نه ٿي وٺڻ چاهيان، صرف مڙس محبت سان پيش اچي.هوڏانهن ڦل روڊ واسڻ رخسانه سانگي ڌيءَ سان گڏجي دانهيندي چيو ته مڙس پرويز سانگي نشي جو عادي آهي، ڪمائي نه ٿو، پيءُ جي پينشن تي گهر جو خرچ هلائي پئسا نشي تي خرچ ڪندو آهي، نشو نه ملڻ تي تشدد ڪندو رهي ٿو، تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.