ڪيٽي بندر (ن پ ا) ڳاڙھو ٿاڻي جي حد ڌانڌاري  لڳ ڳوٺ پنھون ٻالاڻي ملاح ۾ جوابدار ڪريم بخش پنھنجي ڀيڻ مسمات حڪيمان زال روئوف ٻالاڻي ملاح کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جوابدار ڪريم بخش پنھنجي ڀيڻ حڪيمان کي پنھنجي مڙس رئوف ٻالاڻي ملاح جي گھرھلڻ جو چيوته ھن مڙس جي گهر هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي سندس ڀاءُ ڪريم بخش پسٽل جا فائر ڪري زخمي ڪري وڌو، جنھن کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي نيو پئي ويو ته رستي ۾  زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي وئي، اهڙي اطلاع تي جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ھوڏانھن اطلاع ملڻ تي ڳاڙهو  پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ڇاپا ھڻي رھي آھي پر ڪٿي به جوابدار هٿ ناهي اچي سگهيو.