ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا هماني شيوپوري زندگي جي سڀني کان مشڪل وقت ۾ شاه رخ خان طرفان ملندڙ مدد جو اعتراف ڪيو آهي. اداڪارا هماني شيوپوري بالي وڊ فلمن ۽ ٽيلي ويزن انڊسٽري ۾ پنهنجي جاندار اداڪاري ۽ مخصوص ڪردارن ذريعي مشهوري ماڻي. ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران هماني شيوپوري پنهنجي زندگي جي سڀ کان مشڪل وقت ۾ سپر اسٽار شاهه رخ خان طرفان ڪيل مدد جو اعتراف ڪيو. انٽرويو دوران اداڪارا فلم “دل والي دلهنيا لي جائين گي” جي شوٽنگ دوران پيش آيل لمحن کي پنهنجي ڪيريئر جو سڀ کان ڏکيو ترين وقت قرار ڏنو. اداڪارا ٻڌايو ته فلم جي شوٽنگ دوران مڙس ديهانت ڪري ويو، ان وقت مان پنهنجي پٽ جي اڪيلي سار سنڀال لهڻ واري هيس، مڙس جو وڇوڙو بيان ڪرڻ جوڳو ناهي پر ان جي باوجود مون کي پنهنجي ذاتي ۽ پروفيشنل زندگي ۾ توازن رکڻو هو،  هماني ٻڌايو ته انهن ڏينهن ۾ شاهه رخ خان منهنجو ڀرجهلو بڻيو، هو مون کي لطيفا ٻڌائيندو، مختلف ڳالهين ۾ مصروف رکندو هو ته جيئن مان پاڻ کي اڪيلي محسوس نه ڪريان. سينيئر اداڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ يش چوپڙا ۽ پاميلا چوپڙا پڻ منهنجي ڏاڍي سپورٽ ڪئي. هن چيو ته هڪ ڀيري يش چوپڙا چيو هو ته ”جيترو وقت کپي وٺو، اسان هتي اوهان لاءِ آهيون“ هي اها سپورٽ هئي جنهن مون کي ڏک جي باوجود پنهنجي ڪيريئر ۾ توازن برقرار رکڻ ۾ مدد ڪئي.