ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل ناديه حسين پنهنجي مڙس جي مبينا فراڊ ڪيس بابت ويڊيو يان جاري ڪندي واضع ڪيو آهي ته سندس ان معاملي سان ڪو به تعلق ناهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ويڊيو پيغام ۾ ناديه حسين ٻڌايو ته کيس اڳواٽ ضمانت ملي چڪي آهي، جيڪا هن ان خدشي تحت ورتي ته ايف آءِ اي کيس گرفتار ڪري سگهي ٿي. ادڪاراءِ چيو ته هوءَ رڳو عاطف خان جي زال آهي، ان کانسواءِ ان ڪيس سان سندس ڪوبه تعلق ناهي، پر کيس صرف شهرت جي بنياد تي ان ڪيس جو حصو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ” منهنجو هن ڪيس سان ’زيُرو‘ لاڳاپو آهي، تنهنڪري مهرباني ڪري مون کي هن معاملي کان پري رکو.“ ناديه وڌيڪ چيو ته سندس مڙس تي به الزام هنيو ويو آهي ۽ سندس نالو استعمال ڪندي هن ڪيس کي بنا سبب ڊيگهه ڏني پئي وڃي، هن صحافين کي اپيل ڪئي ته هو ذميواريءَ سان هن معاملي تي رپورٽنگ ڪن. ان کانسواءِ هن يوٽيوبرز به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڇاڪاڻ ته مان هڪ مشهور شخصيت آهيان، تنهنڪري هو ( يوٽيوبرز ) منهنجو نالو استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته منهنجي مڙس جي آفيس سندس ڪاروبار يا منهنجي ڪم ۾ سندس ڪو به عمل دخل نه آهي. ياد رهي ته ماڊل ناديه حسين جي مڙس عاطف خان مٿان مبينا طور تي 53 ڪروڙ رُپين جي بئنڪ فراڊ جو ڪيس داخل آهي.