ڪراچي چڙيا گهر مان مڌو بالا هاٿي پروٽوڪول ۾ سفاري پارڪ منتقل، سونيا ۽ ملڪا هاٿين مڌو بالا جو استقبال ڪيو، نورجهان جي مرڻ کان پوءِ مڌو بالا ڪراچي چڙيا گهر ۾ اڪيلي رهجي وئي هئي، جانورن تي ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم جي سفارش بعد مڌوبالا کي قدرتي ماحول ڏيڻ لاءِ سفاري پارڪ منتقل ڪيو ويو آهي.