ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو ۾ مڇر دانيون نه ملڻ خلاف عورتن جو تعلقي اسپتال جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو، تعلقي اسپتال انتظاميا تي من پسند ماڻهن کي مڇر دانيون ڏيڻ جا الزام، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ رڪارڊ واڌ کان پوءِ صحت کاتي پاران حامله عورتن کي مڇر دانيون ڏيڻ واري عمل کان پوءِ ميرپوربٺورو جي عورتن پاران مڇر دانيون نه ملڻ خلاف مسمات پٺاڻي، نيامت جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي تعلقي اسپتال جو مين گيٽ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب اسپتال ايندڙ مريض سخت پريشاني جو شڪار رهيا، صحافين سان ڳالهائيندي متاثر عورتن چيو ته تعلقي اسپتال انتظاميا مڇر دانيون فقط من پسند ماڻهن کي ڏيئي رهي آهي، هنن چيو ته غريب ۽ حامله عورتون صبح سوير کان مڇر دانيون وٺڻ لاءِ پري پري کان ڪهي آيون آهن، ليڪن سڄو ڏينهن انتظار ڪرائڻ کان پوءِ به مڇر دانيون ڏيڻ بجائي خالي موٽايو وڃي ٿو، هنن چيو ته تعلقي اسپتال انتظاميه پاران حامله عورتن سان ناروا سلوڪ جو نوٽيس وٺي کين مڇر دانيون فراهم ڪيون وڃن، جڏهن ته انچارج ايم ايس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. هوڏانهن اسپتال عملدارن ٻڌايو ته مڇر دانيون فقط حامله عورتن جي لاءِ آهن ليڪن هتي هر مريض مڇر داني جي گهر ڪري رهيو آهي، جيڪا پوري نه ٿي ڪري سگهجي جنهن سبب عورتن احتجاج ڪيو.