پرٿ ( اسپورٽس نيوز) ڀارتي بيٽرز جي ٻئي ڏينهن ميچ تي پڪڙ مضبوط ڪئي، مچل اسٽارڪ، هيزل ووڊ ۽ پيٽ ڪمنز سميت ٻيا بالرن 57 اوورن هلائڻ باوجود وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، سوشل ميڊيا تي به جئسوال ۽ راهول جي جوڙي کي ساراهيو پيو وڃي، هڪ واهپيدار لکيو ته ٻنهي پنهنجو فوڪس برقرار رکيو ۽ ٻنهي سيشنز ۾ وڪيٽ بچائي.
جئسوال هڪ موقعي تي اسٽارڪ کي کيڏندي کيس چيو ته “ بال سلو اچي رهيو آهي“ جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويئي آهي.
ٻنهي جي ڀائيواري تي تجزئي نگارن ۽ شوقينن سوال اُٿاريو ته ” ڪپتان روهت شرما ٻي ميچ ۾ واپسي تي ڪهڙي نمبر تي کيڏندو؟ “ هڪ ٻئي واهپيدار ٺٺول ڪندي چيو ته ” لڳي ٿو ته روهت شرما کي واپس ڇهين نمبر تي کيڏڻو پوندو، واضح رهي ته ڪيريئر جي شروعات ۾ روهت شرما ڇهين نمبر تي بيٽنگ ڪندو هو،ڀارتي ڪپتان روهٽ شرما پٽ جي پيدائش سبب پهرين ٽيسٽ ناهي کيڏي رهيو، سندس جاءِ تي فاسٽ بالر جسپريت بمرا ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي،اوپنر شُڀمَن گِل آسٽريليا ۾ ئي زخمي ٿيڻ سبب پهرين ٽيسٽ مان ٻاهر ٿي ويو، سندس جاءِ تي ڀارت طرفان لوڪيش راهول کان اوپننگ ڪرائي وئي، جڏهن ته هڪ ٽيسٽ کيڏندڙ ديودت پاڊيڪال کي ون ڊائون تي کيڏايو ويو. ان کانسواءِ ٽي ٽيسٽ ميچون کيڏندڙ ڌرو جوريل کي پنجين جڏهن ته آل رائونڊر نتيش ريڊي ۽ هرشيت رانا کي ميچ ۾ ڊيبيو ڪرايو ويو آهي.