ڪينبرا (اسپورٽس نيوز ) آسٽريلوي ٽيسٽ ڪرڪيٽ فلپ هيوز جي ميچ دوران بال لڳڻ سبب موت واري واقعي کي ڏهه ورهيه وهامي ويا.اڄ کان ڏهه ورهيه اڳ 2014ع تي سڊني ۾ فلپ هيوز کي شيفلڊ شيلڊ جي ميچ دوران شان ايبٽ جو بال مٿي ۾ لڳو هو جنهن سبب هو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو.اڄ فلپ هيوز جي ياد ۾ شيفن شيلڊ جي نيو سائوٿ ويلز ۽ تسمانيا جي ميچ دوران رانديگرن هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي.ان دوران سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا، ڇاڪاڻ ته ان ئي ميدان تي فلپ هيوز جي مٿي تي شان ايبٽ جو بال لڳو هو.سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ مرحوم فلپ هيوز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارن ۾ شان ايبٽ به شامل هو، ان موقعي تي هو جذباتي ٿي ويو جنهن تي ساٿي رانديگر کي کيس آٿت ڏني.اڳوڻي ڪرڪيٽر جي ڏهين ورسي جي موقعي فلپ هيوز جي خاندان طرفان به هڪ محبت ڀريو پيغام جاري ڪيو ويو.ياد رهي ته فلپ هيوز 26 ٽيسٽ، 25 ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي هئي.