مٽياري (رپورٽر) مٽياري مٽياري لڳ ڳوٺ صديق کٽياڻ جي رهواسين غلام رسول کٽياڻ ۽ محمد رمضان کٽياڻ مٽياري پريس ڪلب تي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ڳوٺ جي بااثر ماڻهن رضوان صديقي، رئيس شمشاد کٽياڻ، اعظم کٽياڻ چاچو کٽياڻ وارن اسان جي کاتي واري زمين تي ناجائزي قبضو ڪري ورتو آهي هنن الزام هنيو ته بااثر ماڻهن اسان جي ڪل 20 ايڪڙ زمين مان ڏهن ايڪڙن تي هٿياربندن جي زور تي قبضو ڪري اسان جو ڪڻڪ جو فصل ڀيلائي کڻي ويا آهن جڏهن ته اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيا آهن هنن علائقي ۾ هٿياربند ويهاري خوف حراس ڦهلائي ڇڏيو آهي اسين شريف ماڻهو آهيون هو اسان کي مارڻ چاهين ٿا ته جيئن اسان جي سموري زمين تي قبضو ڪري سگهن اسان شاهپوردرپور ٿاڻي تي داهنيو آهي پر پوليس بااثر ماڻهن جي ونگار وهي رهي آهي جنهن کان پوءِ اسان ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي پر اڃا تائين بااثر ماڻهو اسان کي ڌمڪائي رهيا آهن اسين آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي زمين تان فوري طور قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت م اسين احتجاج جو دائرو وسيع ڪري ڇڏينداسون