مٽياري (رپورٽر ) اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي هدايتن بعد ڊپٽي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ منصور علي سيال پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس مٽياري ۾ کليل ڪچهري جو اهتمام ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ منصور علي سيال ميڊيا جي نمائند سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي مسئلن کي ترت حل ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته پينشن، جي پي فنڊ، ايل پي آر ۽ ٻين مد ۾ 42 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن ته جيئن سرڪاري ملازمن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي اڪلائڻ سميت رٽائرڊ ملازمن جي مسئلن  کي پڻ حل ڪري سگهجي، هن چيو ته  ڊپٽي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ، سرڪاري ملازمن جي پينشن، جي پي فنڊ، ايل پي آر ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ حڪم جاري ڪيا آهن، کليل ڪچهري ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر مٽياري فرزانه ڪلثوم، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسرز عثمان شيخ ۽ شڪيل ٻرڙو کان علاوه اڪائونٽنٽ سرفراز مگسي، سينيئر آڊيٽرز فيصل پنهور، وسيم ٻگهيو، عديل خان ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.