مٽياري (رپورٽر ) عوامي اتحاد جي پاران اعلانيل احتجاج تي ٽول واري هنڌ ڪئمپ لڳائڻ لاءِ پهتل جي يو آءِ اڳواڻ سليم سنڌي گرفتاري بعد آزاد ٿي ويو، گرفتاري خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن پاران مختلف هنڌن تان قومي شاهراھه بند ڪري نعري بازي ڪئي، قومي شاهراهه تان گرفتار ٿيل جي يو آئي جي مرڪزي اڳواڻ سليم سنڌي کي آزادي کانپوءِ عوامي اتحاد پاران مٽياري ٿاڻي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، سليم سنڌي کي آزاد ٿيڻ بعد هنڌ هنڌ تي گلن جي ورکا ڪئي وئي، ٻئي طرف علامه راشد سومرو پاران ٻئي ٽول پلازا جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اگر جي يو آ جي ڪارڪنن کي ڪجهه به ٿيو سڄي سنڌ جا روڊ ڪرايا ويندا، عوامي اتحاد اڳواڻن مٽياري پريس ڪلب کان ٽول پلازا هنڌ تي پهتا جتي مٽياري بار ايسوسيئيشن جا عهديدارن سميت مختلف سياسي سماجي قومپرستن جماعتن پهچي ٽول پلازا خلاف احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ۽ گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته سومر جي ڏينهن تائين اين ايڇ اي ۽ مٽياري انتظاميه کي مهلت ڏيون ٿا مٽياري ۾ ٺهندڙ غير قانوني ٽول پلازا جو ڪم بند ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ عوامي عدالت لڳائي ويندي.