مٽياري  (رپورٽر) مٽياري ضلعي ۾ ٻيو ٽول پلازا ٺاهڻ جي معاملي تي عوامي اتحاد جي خاصخيلي ھائوس مٽياري تي گڏجاڻي ٿي گذري. اجلاس ۾ حاجي سارنگ منگواڻو، ڄام شوڪت ابڙو، نصير ميمڻ، سليم سنڌي، الطاف خاصخيلي، رحمت الله ترڪ، شڪور ناز خاصخيلي، وڪيل پيرل مجيداڻو سميت سياسي سماجي اڳواڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مٽياري عوامي اتحاد جي اڳواڻن چيو ته مٽياري ۾ ٻيو ٽول پلازا ٺاهڻ جي منصوبي کي مڪمل رد ڪيون ٿا. اڳواڻن چيو ته ڪمشنر آفيس ۾ نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن سان ٿيل گڏجاڻي ۾ ٿيل معاهدن کي اين ايڇ اي انتظاميا ٽوڙيو آھي. اين ايڇ اي جي ڪنھن به معاهدي تي اعتماد ناھي رھيو. هنن چيو ته مٽياري عوامي اتحاد پاران عدالت سان رجوع ڪرڻ سان گڏوگڏ عملي ميدان ۾ احتجاج پڻ جاري رکيو ويندو. ان سلسلي ۾ ٽول واري جاءِ تي 6 جنوري  تي عوامي اسيمبلي پڻ لڳائي ويندي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته مٽياري م ٺھندڙ ٽول پلازا عوام سان ظلم آھي، جنهن خلاف اسان جو احتجاج جاري رھندو. هنن چيو ته 8 جنوري کان ضلعي جي تعلقن ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي ويندي .